اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي هڪ عملدار رابطو ڪرڻ تي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن هن وقت مختلف ادارن جي وچ ۾ پنچنگ بيگ بڻيل آهي، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، جنهن جي اختيارن تي راتاها لڳي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي رٽ کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، عوامي سطح تي اليڪشن ڪميشن کي بدنام ڪيو ويو،  اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪرڻ جو مامرو حد کان گذري ويو، اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن جي خاندانن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو، ايتري تائين جو لکت ۾ به ڌمڪيون آيون، شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ان تي به چيو ويو ته ڪارروائي جاري رکي وڃي پر حتمي فيصلو نه ڏنو وڃي، توهين ڪرڻ وارا نوٽيس جاري ڪرڻ تي به اليڪشن ڪميشن ۾ نه ٿا اچن، کين سپورٽ حاصل آهي، اليڪشن ڪميشن جي حيثيت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، آئيني اداري کي بيوس ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال شفاف چونڊن تي سوال پيدا ڪري رهي آهي، ان عملدار کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو باضابطه طور تي اهڙو موقف واضح ڇو نه ٿي ڪري؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اهو اليڪشن ڪميشن جي صوابديد آهي، جنهن بابت مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پر اليڪشن ڪميشن جي هڪ ذميوار عملدار طور مان ائين محسوس ڪيان ٿو جنهن جو مون اظهار ڪيو آهي.