اليڪشن نظام کي ڪينسر لڳي ويو، چونڊ سڌارن لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو:فواد چوڌري/بابر اعواڻ

0
408

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسان جي اليڪشن نظام کي ڪينسر لڳي ويو، چونڊ سڌارن لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وفاقي سرڪار اپوزيشن جماعتن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي جائزي جي دعوت ڏئي ڇڏي، وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پرچي کان ٻاهر نڪرن، چونڊ سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي، سڀ کان وڏو مسئلو پولنگ کانپوءِ نتيجن جو ٿيندو آهي، پولنگ ٿي ويندي آهي، پر ٻي صبح تائين نتيجو جاري ناهي ٿيندو، اليڪشن ڪميشن طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ لڳايل 36 شرط پورا ڪيا ويا آهن، اپوزيشن پارٽيز کي دعوت ڏيون ٿا ته اي وي ايم جو جائزو وٺڻ، حڪومت سندن هر سوال جو جواب ڏيندي، پريس ڪانفرنس دوران حڪومتي ماهرن اي وي ايم ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو ڊيمو به ڪري ڏيکاريو.