اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بدران بهانا ڪيا پيا وڃن،آئين ۾ سوراخ ڳولڻ بدران ان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي:صدر

0
162
آئين ۾ سوراخ ڳولڻ بدران

ڪراچي: صدر پاڪستان عارف علوي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته آئين ۾ سوراخ ڳولڻ بدران ان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ  بدران مختلف حيلا بهانا ڪيا پيا وڃن

صدر عارف علوي انٽرويو دوران وڌيڪ چيو ته معاملو هڪ ٻئي تي اڇلائڻ سبب مون کي خط لکڻو پيو، اليڪشن کان گوٿناٿ ڏسي ائين پيو لڳي ڄڻ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ تي ڪو ڏنڊ لڳي ويندو

صدر عارف علوي اليڪشن جي تاريخ نه ڏيڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي گذريل ڏينهن ٻيو خط به لکيو هو

 صدر جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي انتهائي افسوسناڪ رويي تي مايوسي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي اليڪشن بابت هنگامي مشاورت لاءِ پنهنجي آفيس اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو

هي به پڙهندا

عمران خان طرفان اربع کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان