اليڪشن جي تاريخ جي اعلان تائين عوام جو سمنڊ اسلام آباد مان واپس نه ويندو: عمران خان

0
332
عوام جو سمنڊ اسلام آباد مان واپس نه ويندو
اليڪشن جي تاريخ جي اعلان تائين عوام جو سمنڊ اسلام آباد مان واپس نه ويندو: عمران خان

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر فوري چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته جيستائين اسان کي صاف ۽ شفاف چونڊن جي تاريخ نٿي ملي، اُن وقت تائين عوام جو سمنڊ اسلام آباد مان واپس نه ويندو

خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب دوران عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ جي مارچ جي اعلان بعد اسلام آباد ۾ موسم بهتر ٿي وئي آهي

عمران خان چيو ته حڪومت خلاف آزادي مارچ ۾ ايترا ماڻهو گڏ ٿيندا، جيترا پاڪستان جي تاريخ يا وري برصغير جي تاريخ جي مارچ ۾ به گڏ نه ٿيا هوندا

هن چيو ته عوامي سمنڊ اسلام آباد جو رخ ڪرڻ وارو آهي، جيستائين عام چونڊن جي تاريخ نه ملندي، تيستائين اسلام آباد مان واپس نه اينداسين