سانگهڙ  (ن پ ا) سانگھڙ جي تاريخ جو اھم ڪردار الهه ورايو بھڻ سنڌ جي تاريخ جو اھم ڪردار آهي جنهن سموري حياتي معاشري جي ڀلائي لاءِ بسر ڪئي ھڙو اظهار سانگهڙ جي مٽي مان ڳوھيل الهه ورايو بھڻ ،سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو ،عزيز گوپانگ، منظور ٿھيم ، علي بخش مھر ،استاد نظاماڻي، ڊاڪٽر ھاشم خاصخيلي، سنيل ڪمار، مبين وساڻ،مير محمد نظاماڻي، عباس لسڪاڻي ،امر لغاري، عاجز منگي ،يعقوب بروهي ،صابر مھر، ولي محمد خاصخيلي، غلام حيدر خاصخيلي ۽ ٻين سنڌ جي نامور اديب شاعر ليکڪ دانشور حر ڪئمپ جي معصوم قيدي ڌرتي جي عاشق الهه ورايو بھڻ سان سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران رھاڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ھنن چيو الهه ورايو بھڻ وطن جي آزاديءَ واري تحريڪ جو ھڪ اھم فرد آهي جنهن پنهنجو ٻالڪ پڻ انگريز فوج جي لانگ بوٽن جي ڇانوَ ۾ حر ڪئمپن ۾ گذاريو، سانگهڙ جا اڪثر اديب، دانشور، شاعر ،ليکڪ سندس شاگرد آھن الهه ورايو بھڻ سانگهڙ جي مظلوم ماڻهن جو ڪيس سدائين بھترين نموني وڙهيو آهي چوٽياريون ڊيم جي تعمير روڪڻ ۽ متاثرين جي حقن لاءِ سندس ڪيل جدوجهد تاريخ جو حصو آهي، حر تحريڪ تي جيڪو اڄ تحقيقي ڪم ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو ان ۾ الھ ورايو بھڻ جو اھم حصو آهي پاڻ نه صرف شاعر، اديب، ليکڪ، دانشور نه پر ھڪ اداري جي حيثيت رکن ٿا. الهه ورايو بھڻ عملي ادبي شخصيت جا مالڪ آھن جنھن سانگهڙ واري خطي ۾ تمام وڏي ذھني تبديلي آندي آهي پاڻ جنهن بھادري، بردباري، حوصلي ھمت سان معاشري ۾ عملي تبديلي لاءِ جدوجهد ڪئي ان جو مثال نه ٿو ملي. سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران الهه ورايو بھڻ کي لائيف اچيومنٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جويو پاران الهه ورايو بھڻ کي شھيد سورهيه بادشاهه ايوارڊ ڏنو ويو،تاج جويو پاڻ الهه ورايو بھڻ کي  مجسم سنڌ جو لقب ڏنو.