الله ۽ رسول جي واسطي مون کي انصاف وٺرائي ڏيو: ڏهرڪي ۾ اي ايس آءِ جون دانهون

0
339
الله ۽ رسول جي واسطي

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ پوليس جي اي ايس آءِ انصاف لاءِ دانهون ڪندي پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، اي ايس آءِ عاشق لغاري جو چوڻ آهي ته منهنجي گهر ۽ زمين تي وڏيري قبضو ڪرايو آھي، چوي ٿو نياڻين جا سڱ ۽ پنجاهه هزار ڏي ته پوءِ تنهنجو مسئلو حل ڪرائيندس، مان الله ۽ ان جي رسول جو واسطو ٿو ڏيان ته مون کي انصاف وٺرائي ڏيو

هن چيو دانهن کڻي داد لغاري ٿاڻي تي ويس ته اتي ويٺل پوليس عملدارن مون تي ٽوڪون ڪيون، ڪينسر جو مريض آھيان، انصاف نه مليو ته اڄ شام پاڻ کي ٻارن سميت شهر جي مين چوڪ تي باهه ڏيندس

عاشق لغاري  جو چوڻ آهي ته وڏيري مونسان ظلم ڪيو آھي، منهنجي زمين تي قبضو ڪرايو آھي،منهنجي ڪير به دانهن نٿو ٻڌي، مان باغي آهيان، مان باغي آھيان، هاڻي وڏيري کان مان باغي آهيان