لاهور(م ڊ) عمران خان جي گهر واري بشريٰ  بي بي جي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ 23 مئي تائين حفاظتي ضمانت منظور، بشريٰ بي بي لاهور هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿي حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جسٽس شهباز رضوي بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي هلائي، ان کان اڳ عدالت بشريٰ بي بي جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، جسٽس شهباز رضوي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جي وارننگ ڏني هئي، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب عمران خان کي گرفتار ڪري چڪي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ڪيس ۾ ٻن هفتن لاءِ ضمانت تي آزاد آهي.