اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا 190 ملين پائونڊ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد کي قرار ڏئي ڇڏيو، فيصل واوڊا چيو آهي ته فيض حميد جي باقيات سينيٽ ۽ آسپاس موجود آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ ڪرپشن ڳولڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، نيب کي سڀ ڪجهه لکت ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن اهو معاملو هليو ته آئون وفاقي وزير هئس، ڪابينا اجلاس ۾ بند لفافو ڏيکاري تڪڙ ۾ معاملو اُڪلايو ويو، مون اُن وقت به چيو هو ته هي معاملو نيب ۾ ويندو، هن ڪيس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن فيض حميد ڪئي آهي، شهزاد اڪبر ۽ ٻين ماڻهن کي فرار ڪرائڻ ۾ به سندس هٿ هو، پر هيل تائين ڪنهن به فيض حميد جو نالو نه کنيو آهي، هن چيو ته صدر عارف علوي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اُهو دشمن به نٿو ڪري سگهي، هاڻوڪي مِس انڊراسٽينڊنگ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار صدر عارف علوي جو آهي، پر پي ٽي آءِ پابندي لڳائڻ کان اڳتي جا ڪم ڪيا آهن، پي ٽي آءِ کان جيڪي ڪم ڪرايا ويا، اُهي پابندي لاءِ ڪافي آهن.