القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا

0
361
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا

اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته پابندي نه لڳڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ پابندي لڳائڻ کان اڳتي جا ڪم ڪيا آهن، پي ٽي آءِ کان جيڪي ڪم ڪرايا ويا، اُهي پابندي لاءِ ڪافي آهن، اڃا ته آئون پي ٽي آءِ جي مڪروهه ڏوهن جي ڳالهه ئي نٿو ڪريان

اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس ته ننڍو ڪيس آهي، اڃا ته وڏا ڏوهه سامهون ايندا

190 پائونڊ جي ڪيس ۾ ڪرپشن ڳولڻ ڪا راڪيٽ سائنس نه آهي، هن ڪيس مان سڀ کان وڌيڪ فائدو فيض حميد ورتو آهي، پر هيل تائين ڪنهن به سندس نالو نه ورتو آهي

 فيض حميد جي باقيات سينيٽ ۽ آسپاس موجود آهي، فيض حميد ئي شهزاد اڪبر ۽ ٻين کي فرار ڪرايو آهي، سڄي معاملي جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد آهي

هي به پڙهندا

تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪريون پيا: خواجا آصف