الزام لڳائيندڙ شاگردياڻيءَ جو تعلق آءِ بي اي سان نه آھي: جاچ ڪميٽي

0
308

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي جي شاگردياڻين جي وڊيو وائرل ٿيڻ وارو مامرو، آءِ بي اي جو اڳوڻو وي سي نثار احمد صديقي معامري جوذميوار ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڇوڪري نجي اسڪول جي ميٽرڪ جي شاگردياڻي آھي، پلفيٽ کڻي ويٺل شاگردياڻي جي بختاور سومرو طور سڃاڻپ ٿي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بختاور سومرو مسجد جي دروازي تي حسين صديقي سان 15منٽن تائين فون تي ڳالهايو، شاگردياڻي جي مسجد اندر داخل ٿيڻ وارا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامھون اچي ويا آهن، رپورٽ موجب الزام لڳائيندڙ شاگردياڻيءَ جو تعلق آءِ بي اي سان نه آھي.