التوا واري ڪيسن جو بار گهٽائڻو آهي، وڪيل تياري ڪري اچن: چيف جسٽس

0
200
التوا واري ڪيسن جو بار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پهچڻ تي چيف جسٽس عمر عطابنديال کي وڪيلن پاران مبارڪون ڏنيون ويون آهن، وڪيلن چيو ته عدالتي ڪمري ۾ بطور چيف جسٽس جي حيثيت سان توهان کي ڀليڪار ڪيون ٿيا

جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جي وڏي مهرباني، توهان جهڙن وڪيلن جو ساٿ هجڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، جج ۽ وڪيل هڪ خاندان آهن

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته التوا واري ڪيسن جو بار گهٽائڻو آهي، وڪيل تياري ڪري اچن ۽ التوا کان پاسو ڪن، هي خوش قسمتي آهي جو اسان جو بار زبردست آهي

ان موقعي تي وڪيل نعيم بخاري چيو ته مان ته توهان جي رٽائرمينٽ جو انتظار ڪندس ته جيئن توهان سان ٻيهر ملاقات ڪري سگهان، چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل نعيم بخاري جي لفظن تي ٽهڪ ڏنا

ھي به پڙھندا

جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جي 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو