الاسڪا (انٽرسٽنگ نيوز) الاسڪا ۾ ڪانوَ به چور نڪتا، چوري جي مهارت به اهڙي جو ماڻهو حيران ٿي ويا. الاسڪا جي علائقي اينڪريج ۾ ڪرسٽڪو نالي سپر اسٽور ٻاهران هڪ خريدار ميٽ ليوالن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته هو اتان گھر لاءِ کاڌي پيتي جي سامان سان گڏ شيون کڻي نڪتو ۽ پارڪنگ ۾ بيٺل پنهنجي گاڏي جو لاڪ کولڻ لڳو ته ان دوران ڪجھه ڪانون وڏي خاموشي سان ان جي شاپنگ ڪارٽ تي حملو ڪري ڏنو. صرف ڪجھه سيڪنڊن ۾ ئي اهي ان جي سامان مان گوشت ۽ هڏي جو هڪ ٽڪرو چوري ڪري چڪا هئا. جيستائين ميٽ مڙي انهن کي ڏٺو تيستائين اهي ڪارروائي مڪمل ڪري اڏامي رهيا هئا. ان دوران هو کاڌي پيتي جي هڪ ٻي ٿلهي به ڦاڙي چڪا هئا پر اهو ڪم اڻپورو رهجي ويو. ميٽ جو چوڻ هو ته گوشت جو ٽڪرو ڪافي وڏو هو پر اهي ڪانوَ به چڱا خاصا وڏا هئا شايد ان ڪري اهي ان ٽڪري کي چوري ڪري سولائي سان کڻي ويا. خاص ڳالهه اها آهي ته اهي ڪانوَ اهي ڪانوَ ڪنهن خريدار تي حملو ناهن ڪدا ۽ نه ئي ان کي تنگ ڪن ٿا. ان جي ابتڙ اهي خريدار جي پارڪنگ لاٽ ۾ پهچڻ ۽ گاڏي جي ڊگي يا دروازو کولڻ لاءِ شاپنگ ڪارٽ کان پري ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن. هن چيو ته لڳي ٿو اهي پوري رٿابندي ڪري چوري ڪرڻ ايندا آهن. هڪ مقامي عورت خريدار سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪيو. هڪ ٻئي عورت چيو ته ڪانو حساب لڳائي سڄي ڪارروائي ڪندا آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ ٻيو واقعو به سامهون آيو ته ان ئي سپر اسٽور مان خريداري ڪندڙ عورت کي پارڪنگ ۾ فرش تي ويٺل هڪ ڪانوَ ڪان ڪان ڪري پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي رها هئا ۽ ان جي پويان ٻيا ڪانو کائڻ پيئڻ جو سامان چوري ڪري ويا. انهن واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪاون جي ذهانت اسان جي اڳوڻن اندازن کان ڪافي وڌيڪ آهي جيڪڏهن اهي چوريون ڪرڻ تي اچي وڃن ته هڪ منفرد انداز اختيار ڪري انسانن کي حيران به ڪري سگھن ٿا.