حيدرآباد:اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي سٽيزن ڪالوني پهچي مقتول ڊاڪٽر جي وارثن سان ڏک ونڊيندي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت آهي ته وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي توڙي سنڌ حڪومت ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي خاندان سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثر خاندان کي قانوني ٽيم فراهم ڪندي. صوبائي وزير چيو ته هڪ مسيحا کان  ظالماڻي طريقي سان زندگي کسي وئي. ان موقعي تي مقتول ڊاڪٽر جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر اوم پرڪاش راٺي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.