ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا اقرا عزيز جي والدا ڪريم ۾ پهرين عورت ڊرائيور بڻجي وئي. تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي ڀلوڙ اداڪار ياسر حسين پنهنجي سس آسيه عزيز ۽ زال اداڪارا اقرا عزيزجي گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪئي، ان تصوير ۾ اقرا خانگي ڪمپني جي ٽيڪسي ۾ ماءُ سان گڏ ويٺل آهي. ان حوالي سان ياسر حسين لکيو آهي ته منهنجي سس آسيه عزيزڪريم ۾ ٽيڪسي ڊرائيور آهي ۽ منهنجي زال اقرا اڄ سندس مسافر بڻي آهي.