اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 2 وڏيون غلطيون ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته اقتدار دوران مون کان 2 وڏيون غلطيون ٿيون، پهرين غلطي في الحال نٿو ٻڌائي سگهان، ٻئي غلطي اها هئي ته سڪندر سلطان کي چيف اليڪشن ڪمشنر بڻايو. عمران خان اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪرز سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چونڊون هلندڙ سال ٿينديون، هي مونکي سنگل آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته مونکي نااهل ڪرائي وٺندا پر آئون هنن جا خواب پورا ٿيڻ نه ڏيندس، آئون موجوده حڪمرانن جو هر ميدان تي مقابلو ڪندس. عمران خان چيو ته دلين ۾ رهندڙ ليڊر کي ختم نٿو ڪري سگهجي، ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ باوجود ڪير ختم ناهي ڪري سگهيو، عمران خان انڪشاف ڪندي چيو ته ماضي ۾ 2 پرڏيهي حڪومتن فنڊنگ جي آڇ ڪئي پر مون ٿڏي ڇڏي.