اقتدار جي جنگ بڻيل ملڪي سياست

0
97
اقتدار جي جنگ بڻيل ملڪي سياست

 گذريل اڱاري ڏينهن کان لاهور جي زمان پارڪ ۾ عدالتي حڪم تي عمران خان جي گرفتاري لاءِ ويل پوليس ڪالهه اربع ڏينهن شام 7 وڳي تائين به عمران خان کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ان جو سبب پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران سخت مزاحمت ڪرڻ آهي. آءِ جي پنجاب لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته, “پي ٽي آءِ ڪارڪنن پيٽرول بمن سان اسان جون گاڏيون ساڙيون آهن، رينجرز جي گاڏين تي به پيٽرول بم اڇلايا ويا آهن، سمورو گرين بيلٽ خراب ڪيو ويو آهي، سرڪاري شيون برباد ڪيون ويون آهن. عدالت گرفتاري جا وارنٽ ختم ڪري ڇڏي ها ته اسان واپس اچي وڃون ها. جن مامرا خراب ڪيا آهن. انهن کي گرفتار ڪرڻو آهي، اسان وٽ وڊيوز موجود آهن، اسان سان زيادتي ٿي آهي.” آءِ جي پنجاب جي اهڙي بيان باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ صبح 10 وڳي تائين عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ پوليس کي ٿڌي سڙڪ کان 500 ميٽر پوئتي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

                 گذريل اڱاري ڏينهن کان عمران خان جي ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ پهتل پوليس سان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي مزاحمت جاري رهي، پوليس جي شيلنگ سميت ڪارروايون به جاري رهيون، هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشن اسلام آباد شهزاد بخاري سميت 54 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن مان 51 کي سروسز اسپتال ۽ ٽن کي ميو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ 8 شهري به زخمي ٿيا آهن. اڱاري ڏينهن کان لاهور ۾ پيدا ٿيل صورتحال سبب مختلف سوال اڀري سامهون اچن ٿا، جن مان هڪ سوال اهو آهي ته ڇا جٿي جي بنياد تي ڪنهن سياسي ليڊر کي عدالتي حڪم کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي؟ ڇا عدالتي فيصلي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بجاءِ ان فيصلي تي عملدرآمد جي اڳيان مزاحمت ڪرڻ گهرجي؟ ان سوال جو جواب ته مهذب معاشري ۾ انڪار ۾ ئي هوندو آهي پر لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان سان اهو واضح طور سڀني جي سامهون اچي چڪو آهي ته عمران خان کي عدالت جي حڪم تي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي هئي پر عمران خان جي ڪارڪنن پوليس سان مزاحمت ڪئي، عمران خان انهن کي روڪڻ بجاءِ سڄي ملڪ جي ڪارڪنن کي روڊن تي نڪري اچڻ جي اپيل ڪئي، غير ملڪي ميڊيا جا پليٽ فارم استعمال ڪري اهو تاثر ڏنو ته ان سان سياسي انتقام تحت ڪارروائي ٿي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته موجوده حڪومت عمران خان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي هجي پر پوليس عدالتي حڪم کڻي عمران خان وٽ وئي هئي. عمران خان جيڪو انداز اختيار ڪيو آهي، ان سان رياست جي رٽ کي نه رڳو چيلينج ڪرڻ جو تاثر مليو آهي پر رياست جي رٽ بري طرح متاثر  ٿي آهي. نه رڳو ايترو پر ايتري تعداد ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿيڻ باوجود گرفتاري جي مامري تي مزاحمت ڪندڙن کي ڄڻ ته ان سان حوصلو مليو  هوندو، جڏهن آپريشن بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. سوال هي آهي ته اگر پوليس عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرائي ته به ڪٽهڙي ۾ ان کي جواب ڏيڻو پوندو آهي. اگر عملدرآمد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن به پوليس سان اهو سلوڪ ٿئي ته سڀاڻي پوليس ڪيئن عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ رسڪ کڻندي. ملڪي، غير ملڪي ميڊيا تي لاهور جا جيڪي منظر ڏٺا ويا آهن انهن کي ڏسي سڀاڻي اگر ڪو ٻيو جٿو قانون جي حڪم اڳيان بيهي رهڻ جي همت ڪري سگهي ٿو. لاهور ۾ جيڪو ڪجهه هن وقت  تائين ٿيو آهي، اهو قانون جي حڪمراني لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي، عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، موجوده وزيراعظم شهباز شريف گرفتار ٿيو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري گرفتار ٿيو، ن ليگ ۽ پ پ پ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جون نه رڳو گرفتاريون ٿيون پر انهن ڪيترو ئي قيد ۾ گذاريو، ڪنهن جي به گرفتاري وقت ڪارڪنن اهڙي مزاحمت نه ڪئي هئي. ماضي ۾ يوسف رضا گيلاني کي ڪجهه سيڪنڊن جي سزا ڏئي ان کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نااهل ڪيو ويو. ماضي ۾ ته بينظير ڀٽو به گرفتار ٿي، پر ان جا ڪارڪن ائين قانون سامهون نه آيا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، ان جي حڪومت ختم ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو پر ان جي باوجود ڪارڪنن قانون اڳيان مزاحمت بجاءِ گرفتاري ڏني هئي. ذوالفقار علي ڀٽو ته سزا ڏيندڙ ججن کي به صورتحال واضح هجڻ باوجود آخر تائين “ماءِ لاڊ” ڪري مخاطب ٿيندو رهيو. ڇا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي عوامي مقبوليت عمران خان کا گهٽ هئي ڇا؟ هو تماشو لڳائڻ چاهين ها ته انهن جا اهي ڪارڪن، جن ضياءُ آمريت ۾ ڪوڙا کاڌا، جيل برداشت ڪيا، اهي اهلڪارن سامهون نه رهن ها؟ انهن سوال جا جواب هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. مان گهڻو ماضيءَ جا مثال نه ٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو ته جنهن ماضيءَ جا مثال ڏئي آيو آهيان، انهن بابت ته لاهور ۾ ٻن ڏينهن کان هلندڙ تماشي بعد بحث شروع ٿيل آهي. ڪي سماجي رابطن واري ويب تي اهو چئي رهيا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ڊوميسائل ۽ عمران خان جي ڊوميسائل ۾ فرق آهي. مان انهيءَ بحث ۾ به نه ٿو پوڻ گهران پر هڪ ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ قانون جو اطلاق سمورن شهرين تي برابر جي بنيادن تي نه ٿي رهيو آهي. عام شهري ٽريفڪ سگنل ٽوڙي ته کيس چالان جا پيسا ادا ڪرڻا پون ٿا، عام شهري تي، اگر ڪو تنگ ڪرڻ لاءِ اين سي به داخل ڪرائي ته پوليس ان جي گهر ۾ ائين داخل ٿي کيس کنڀي ويندي آهي، جيئن هو وڏو مجرم هجي. عام ماڻهن جا ڪيس سالن تائين سست رفتاري جو شڪار هجن ٿا. هن وقت به هزارين قيدي جيلن ۾ اهڙا ملندا، جيڪي انڊر ٽرائل آهن. مطلب انهن تي ڪس داخل ٿيو آهي پر ڪنهن عدالت کين سزا نه ڏني آهي ۽ ان باوجود اهي سالن جا سال جيلن ۾ گذاري چڪا آهن، پر وڏن وڏن مخصوص سياستدانن لاءِ نه رڳو رات جو عدالتون لڳن ٿيون پر کين گرفتاري کان اڳ واري ضمابت به ملي وڃي ٿي. عام ماڻهو اگر پوليس سان ڪنهن جائز مامري تي به اٽڪي پوي ته ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس سندس سالن تائين جان نه ڇڏيندو آهي، پر لاهور ۾ ڪئميرائن سامهون جيڪو پوليس جو حشر ڪيو ويو آهي، ان باوجود پوليس بي وس بڻيل آهي. رياستي ادارن خلاف بيان اڳوڻي صدر آصف زرداري به ڏنو هو، جنهن ۾ هن ڪنهن جو نالو به نه ورتو هو پر ان بيان ڏيڻ بعد سال جي لڳ ڀڳ عرصو کيس ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو. قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير به رياستي ادارن خلاف بيان ڏنو هو، ان کي ٻن سالن جي لڳ ڀڳ عرصي تائين جيل ۾ رهڻو پيو، سندس ڪا به ضمانت نه ٿي. ساڳي نوعيت جو ڪيس شهباز گل، اعظم سواتي تي داخل ٿيو، ڪجهه ڏينهن ۾ سندن ضمانت ٿي وئي. اهي چند اهڙا مثال آهن، جيڪي ملڪ اندر قانون جو اطلاق هڪ جهڙو نه ٿيڻ جي صورتحال کي واضح ڪن ٿا.

اسان جي ملڪ ۾ نه رڳو قانون جو اطلاق سڀني شهرين تي برابري جي بنيادن تي نه ٿو ٿئي پر سياسي پارٽين سان به رياستي ادارن جو هڪ جهڙو سلوڪ نه ٿو ٿئي. 2013ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل ن ليگ جي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ جي ڦوڪڻي ۾ جيئن هوا ڀري پئي وئي، اها سموري صورتحال سڀني جي سامهون رهي آهي، ماڻهن کي سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هو ته ڪهڙي قسم جي سياسي انجنيئرنگ ٿي رهي آهي، ماڻهو ان بابت اشارن ۾ ڳالهائيندا به رهيا، پر 2018ع جي چونڊن بعد چونڊ نتيجن کي موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين قبول ڪرڻ  کان انڪار ڪندي ان چونڊ کي آر اوز جي چونڊ قرار ڏنو ۽ عمران حڪومت کي سليڪٽيڊ حڪومت جو خطاب ڏنو ويو. حڪومت جي خاتمي بعد عمران خان هن وقت تائين جيڪا لب ڪشائي ڪئي آهي، ان ۾ اهو تسليم ڪري چڪو آهي ته 2018ع جي چونڊن ۾ ته ٽڪيٽون ئي ٻين ڏنيون، حڪومت ۾ اسان هئاسين پر اختيار اسان وٽ نه هئا، اختيار ڪنهن ٻئي وٽ هئا. عمران خان اهي ڳالهيون حڪومت دوران ان ڪري نه ڪيون، جو ان وقت کيس لڳي رهيو هو ته حڪومت ۽ اهي هڪ پيج تي آهن. حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس جڏهن لڳو ته اهي هڪ پيج تي نه آهن ته هن لب ڪشائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ڀلي موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون اهو چونديون رهن ته انهن ملڪ کي سياست کان وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. اگر  اهي حڪومت ۾ نه اچن ها ته عمران خان 10 سالن تائين اقتدار ۾ هجي ها، ڇو ته هو جنرل فيض حميد کي آرمي چيف ڪري ڇڏي ها. اگر ائين ٿئي به ها ته عمران خان وڌيڪ وائکو ٿئي ها ۽ عمران خان جي اڄ جيڪا مقبوليت آهي، اها نه هجي ها، ڇو ته هي اهو ئي عمران خان آهي، جنهن کان موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون فوري چونڊون ڪرائڻ جا مطالبا ڪنديون هيون، پر پنهنجي گهٽ مقبوليت ڏسي عمران خان فوري چونڊ ڪرائڻ کان پاسو ڪندو رهيو، پر اڄ عمران خان جي عوامي مقبوليت موجوده حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي ۽ غلط پاليسين ڪري آهي. موجوده حڪمران اتحاد کي جڏهن لڳو ته عمران خان جي سليڪٽرن حمايت واپس ورتي آهي، ڄڻ ته موجوده حڪومت ۾ شامل پارٽيون ان لاءِ آتيون ويٺيون هيون، انهن کي اهي شڪايتون ياد ئي نه رهيون ته عمران خان کي سليڪٽرن آندو هو، پنهنجي ڳالهين کي وساري حڪومت ۾ اچي اهي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿا آهن، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اندر لهندا پيا وڃن. هن حڪومت جي 10 مهينن ۾ جيڪا ملڪي تاريخ جي رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان صورتحال هن حڪومت ۾ شامل پارٽين کي عوام جي نظرن ۾ ڪيرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. موجوده حڪومت ڀلي چوندي رهي ته موجوده مهانگائي عمران خان جي حڪومت جي پاليسين جو نتيجو آهي، پر عوام به ائين سمجهي تڏهن موجوده حڪومت ۾ شامل پارٽين جو ڪو چاڙهو ٿي سگهي ٿو، في الحال ته عمران خان پنهنجا سمورا گناهه ڌوئي عوام جي نظر ۾ موجوده حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو موقعو نه ڇڏيو آهي.

جڏهن کان عمران خان جي حڪومت ختم ٿي آهي، تڏهن کان اهو تاثر عام آهي ته طاقتور ڌريون عمران خان سان ناراض آهن ۽ اهي موجوده حڪومت سان گڏ آهن. سوال هي آهي ته اگر طاقتور ڌريون عمران خان جي خلاف آهن ته پوءِ شيخ رشيد، پرويز الاهي، جن جي سڃاڻپ ئي طاقتور ڌرين جي ماڻهن طور آهي، اهي عمران خان سان گڏ بيهن ها؟ سوال هي به آهي ته عمران خان مٿان طاقتور ڌرين آشيرواد جو هٿ ڇو کنيو؟ ان حوالي سان اسلام آباد ۾ مختلف ٿيوريون بحث هيٺ اينديون رهيون آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته سعودي ۽ چين جي ناراضگي عمران خان جي حمايت واپس ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪن جو اهو چوڻ آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي خراب ٿيڻ ۽ انهن ۾ سڌاري جو ڪو رستو نظر نه اچڻ تي عمران خان جي حڪومت کان آشيرواد کسرايو. انهن مان ڀلي ڪهڙو به مامرو هجي، جنهن ڪري عمران خان جي حڪومت کان آشيرواد کسيو ويو هجي پر ان صورتحال سان اهو سوال جنم وٺي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪيستائين اسڪرپٽ تي حڪومتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون؟ جڏهن هڪ طاقتور اداري جي سربراهه پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته طاقتور ادارا سياسي مامرن ۾ هاڻي مداخلت نه ڪندا، انهن ڳالهين جو مطلب ته اهو واضح اقرار آهي ته ماضي ۾ انهن جي سياست ۾ مداخلت رهي آهي، اگر هاڻي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوءِ عمران خان انهن مٿان الزام ڇو هڻي رهيو آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي، جنهن کي واضح ٿيڻ گهرجي، ڇو ته خرابي الف يا ب جي حڪومت اچڻ ۾ نه آهي، خرابي طاقتور ڌرين جي آشيرواد سان ڪنهن جي اقتدار ۾ اچڻ ۾ آهي.

ملڪ هن وقت جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي، ان صورتحال ۾ ملڪ آيو ئي اهڙن تجربن جي ڪري آهي. ملڪ هاڻي اهڙن تجربن کي نه برداشت ڪري سگهي ٿو، نه ئي اهڙا تجربا ٿيڻ گهرجن. عوام جي ووٽ سان اگر عمران خان حڪومت ۾ اچي ٿو ته ان کي اچڻ گهرجي، اگر ڪو ٻيو حڪومت ۾ اچي ٿو ته عوام جي ووٽ سان ۽ صاف شفاف چونڊن ذريعي اچڻ گهرجي. نه رڳو ايترو پر قانون جي حڪمراني کي جيڪو لاهور ۾ مذاق بڻايو ويو آهي اهڙا مذاق به بند ٿيڻ گهرجن. عدالتن کي ڪيس ڏسڻ گهرجن، فيس نه ڏسڻ گهرجن. قانون جو سليڪٽوِ اطلاق اصل ۾ ڪنهن به رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب ٿيندو آهي، ان سان خلق خدا ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي آهي. بهرحال اسان جي ملڪ ۽ سياست ان مرحلي ۾ اچي پهتي آهي، جو ماڻهو سياست کي عام ۽ ملڪ جي بهتري جو آرٽ بلڪل نه سمجهي رهيا آهن. عام ماڻهن جو اهو تاثر پختو ٿيندو پيو وڃي ته ملڪ ۾ سياست اقتدار جي جنگ لاءِ ٿي رهي آهي.