اقتداري اشرافيه جون انائون!

0
122
اقتداري اشرافيه جون انائون!

ڪنهن کي احساس آهي ته ملڪ هڪ بدترين chaos ۽ افراتفريءَ ۾ ويڙهجي چڪو آهي، ڪنهن کي احساس آهي ته هڪ ملڪ، بقول اياز امير جي ته، جنهن ۾ ڪا خاص خوبي ته ناهي پر بهرحال هڪ چڱو ڀلو ملڪ هو، جنهن جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي؟ جنرل باجوه کي 6 سال گهربل هئا، فيض حميد کي آرمي چيف ٿيڻو هو، عمران خان کي طيب اردگان جهڙو صدر ٿيڻ جي خواهش هئي، پي ڊي ايم کي ڪيسن ۽ عمران خان مان ڇوٽڪارو گهربل هو. انهن ذاتي خواهشن ۽ مفادن جي پورائي لاءِ رڳو هڪ سال اندر ملڪ جو مهانڊو ئي بدلايو ويو. هاڻ بدترين معاشي ڊفالٽ جي دروازي تي دستڪ ڏيندڙ هن ملڪ ۾ حڪمران اشرافيه جو موضوع سخن ئي هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ آهي. سوشل ميڊيا تي نظر ڦيرائجي ٿي ته مخالف پارٽين جا ڪارڪن ۽ همدرد هڪٻئي تي هڪ گار لاهين ٿا، ٻي چاڙهين ٿا. صحافت آهي جيڪا سياسي بيانين جي وچ ۾ ورهائجي چڪي آهي. عدليه مٿان هڪ لاچارگي جهڙي ڪيفيت طاري آهي. فوج کي پنهنجي اداري جو اميج سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي. ٽياڪڙي ڪندڙ ادارو هاڻ خود هڪ ڌر بڻجي چڪو آهي. بس جيڪو آهي سو اقتداري اشرافيه جون انائون آهن. ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن بحران در بحران واري صورتحال مان نڪرڻ جو رستو ڪهڙو آهي. عوام آهي جيڪو پهريان به ڀوڳيندو رهيو آهي، هاڻ به ڀوڳي رهيو آهي.

جڏهن عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙيون ته وٽس اهو آخري پتو بچيو هو، جنهن وسيلي هو اليڪشن ڏانهن وڃي پئي سگهيو، پر نگران حڪومتن جي قيام کانپوءِ حڪومتي حلقن مان اهي آواز اچڻ شروع ٿي ويا هئا ته اليڪشن نه ٿيندي. مريم نواز ته جلسن ۾ اهو چوندي هئي ته پهريان احتساب ٿيندو، اليڪشن بعد ۾ ٿيندي. پهريان ليول پليئنگ فيلڊ ٿيندي، انصاف جا ٻئي پلڙا هڪ جيترا ٿيندا، پوءِ اليڪشن جو وارو هوندو يعني سندس چواڻي عمران دور ۾ جيڪو ساڻن ٿيو، سو پهريان عمران خان سان به ٿيندو. آئين ۽ قانون موجب 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي. سپريم ڪورٽ به اهو فيصلو ڏنو، بلڪه 14 مئي جي تاريخ به ڏئي ڇڏي. اليڪشن نه ٿيڻي هئي، نه ٿي. هڪ سادي ڳالهه کي منجهايو ويو. مسئلو اهو هو ته حڪمران ڌرين کي خوف هو ته اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ اڳتي نڪري ويندي، تنهنڪري ڪو اهڙو بندوبست ڪرڻ گهرجي، جنهن سان اليڪشن نه ٿئي يا جڏهن به ٿئي ته پي ٽي آءِ جو ڪو نالو وٺڻ وارو نه هجي. اهو بندوبست اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪيو ويو. عمران خان جي گرفتاري ۽ ان کانپوءِ 9 مئي واري صورتحال سڀني جي سامهون آهي. هاڻ ته پي ٽي آءِ کي جيڪي سياسي اڳواڻن جي نالي ۾ “تحفا” ڏنا ويا هئا، سي به واپس ورتا پيا وڃن. ميڊيا انهن کي وڪيٽون ڪِرڻ سان تشبيهه پئي ڏئي. حقيقت ۾ ته اهو عمران خان کي ڪم سولو ڪري ڏنو پيو وڃي ته سندس پارٽي اهڙن ڪمزور ماڻهن کان خالي ڪئي پئي وڃي، جيڪي دٻاءُ کي برداشت نٿا ڪري سگهن. هاڻ جيڪي به عمران خان سان گڏ هوندا، دراصل اهي ئي سندس نج سياسي قوت هوندا.

پي ڊي ايم لاءِ اها بهرحال ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي ته باوجود بي شمار ڪيسن جي، جن ۾ دهشتگردي ۽ ڪرپشن جا ڪيس شامل آهن، عمران خان جي مقبوليت گهٽجڻ بدران ويتر وڌندي پئي وڃي. ان ۾ عمران خان جي پنهنجي محنت بدران پي ڊي ايم جون پنهنجون غلطيون وڌيڪ آهن. اول ته عمران خان جڏهن جنرل باجوه سان جهيڙي ۾ آيو ته پي ڊي ايم وارن کي پنهنجو سياسي ڪلهو پيش نه ڪرڻ گهرجي ها، ان وقت عمران خان مقبوليت جي انتهائي هيٺئين درجي تي هو. پي ڊي ايم کي باقي هڪ سال تائين انتظار ڪرڻ گهرجي ها ته خان حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري عوام ۾ انتهائي غير مقبول ٿي وڃي ها. جيتوڻيڪ نواز شريف ۽ مريم نواز جو حلقو ان حق ۾ هو پر شهباز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي شوق کين قائل ڪري ورتو ۽ هنن حڪومت حاصل ڪري ورتي. ٻي غلطي کانئن اها ٿي ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ کين جيڪا نيب ۽ ٻين قانون ۾ ترميم ڪرڻي هئي، سا ڪري اليڪشن جو اعلان ڪن ها، پر هنن ايئن نه ڪيو ۽ عمران خان جي وڇايل بارودي سرنگهن جو شڪار ٿي ويا. ان وقت عمران خان ملڪ اندر توڙي ٻاهر شديد اڪيلائيءَ جو شڪار هو. حڪومت وڃائڻ کانپوءِ سندس اهو بيانيو ته امريڪا هتان جي سهولتڪارن سان ملي سندس حڪومت ڪيرائي آهي، کيس سياسي طور غير يقينيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو هو، پر پي ڊي ايم عمران خان جو ڪم سولو ڪري ڇڏيو. عمران خان کي اهو يو- ٽرن ڦٻي ويو ۽ هن امريڪا تان الزام هٽائي جنرل باجوه تي هڻي ڇڏيو.

هاڻي صورتحال اها آهي ته جنرل باجوه الائي ڪٿي رهجي ويو، موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير عمران خان جي نشاني تي آهي. هي اهو ئي جنرل عاصم منير آهي، جيڪو جڏهن عمران خان دور ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ٿيو هو ته سندس مقرريءَ جي 8 مهينن ۾ ئي کيس عهدي تان هٽايو ويو هو. ميڊيا ۾ اهو رپورٽ ٿيو ته عاصم منير وٽس سندس گهر واري بشريٰ بيبي جي ڪرپشن جو فائيل کڻي آيو هو، جنهن تان ڪاوڙجي خان کيس هٽائي ڇڏيو. اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا ۾ به رپورٽ ٿي. جيتوڻيڪ عمران خان انهيءَ الزام جي ترديد ڪري ٿو پر اها وضاحت نٿو ڪري ته 3 سالن واري پوسٽ تي ويٺل عاصم منير کي فقط 8 مهينن اندر ڇو فارغ ڪيو ويو؟ نيب ڪيس ۾ گرفتاريءَ کانپوءِ جڏهن عمران خان آزاد ٿي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهايو ته اهو چيو ته جنرل عاصم منير سندس گرفتاريءَ پويان آهي، جو کيس ڊپ آهي ته آئون اقتدار ۾ آيس ته کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيندس، پر آئون ايئن ڇو ڪندس! هاڻ جڏهن عمران خان آرمي چيف کي سنگل آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ هي ويڙهه دوبدو ٿي وئي آهي، ان ڪري ئي عمران خان آمريڪي سينيٽرن ۾ پاڪستان مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ لابنگ به ڪري رهيو آهي. عمران خان پنهنجي لاءِ هڪ ڏکي ويڙهه جي چونڊ ڪئي آهي، اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ جي سگهاري سياسي قوت رهي آهي ۽ پنهنجي پسند جا ماڻهو چونڊرائي حڪمراني ڪرڻ جي هڪ طويل تاريخ رکي ٿي. عام طور تي اهڙن معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ ئي سوڀاري ٿيندي آهي پر هن وقت ان کي اندران پڻ چيلينجز آهن جو ريٽائرڊ جرنيلن جي اڪثريت سميت اداري اندر به عمران خان جا حامي موجود آهن، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اها ويڙهه ڪهڙو رخ اختيار ڪندي.

هن وقت ملڪ ۾ جيڪا پرتشدد اقتداري راند هلي رهي آهي، سان ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي ويندي، ان سوال کي بي معنيٰ بڻايو ويو آهي. هاڻ اهم اهو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس فوجي ڪورٽن ۾ هلندا. هاڻ بنيادي ڪم اهو آهي ته عمران خان تي وڌيڪ ڪهڙا ڪيس داخل ڪجن، هاڻ سڀ کان ضروري شيءِ اها آهي ته عمران خان جا ماڻهو ٽوڙي کيس اڪيلو ڪيئن ڪجي؟ ملڪي معيشت ڏيوالي جي حد کي ڇهي رهي آهي، آئين بي وس ۽ قانون جو انڌو استعمال جاري آهي. مهانگائي گذريل 50 سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿي آهي، بجلي ۽ گيس جون قيمتون انڌا ڌنڌ وڌي رهيون آهن، عام ماڻهو ته ٺهيو پر ڪاروباري طبقي جا به مٿي تي هٿ آهن. آءِ ايم ايف پيسا ڏيڻ کان جواب ته نه ڏنو آهي پر ان ۾ دير وڌيڪ معاشي مشڪلاتون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن. گذريل 10 سالن ۾ ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ ملڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ قرض وٺي چڪو آهي، رڳو چين جا اسين 30 ارب ڊالرن جا قرضي آهيون. پاڪستان کي هن سال پرڏيهي ادائگين ۾ 20 ارب ڊالر ڏيڻا آهن، پاڻ وٽ پيا لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالر آهن. مٿان ٽي ٽي پي جي ڌڙن هٿيار سڌا ڪيا آهن، دهشتگردي کان ويندي اسٽريٽ ڪرائمز تائين ملڪ سيڪيورٽي جي بدترين صورتحال جو شڪار آهي ۽ اسان جي اقتداري اشرافيه جي گفتگو جو موضوع ئي ٻيو آهي. ڪنهن کي احساس آهي ته ان اقتداري جنگ ۾ ملڪ هڪ بدترين chaos ۾ ويڙهجي  چڪو آهي؟