ڪابل(م ڊ) طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ بعد افغانستان جو معاشي بحران پنهنجي بدترين شڪل ۾ سامهون اچي رهيو  آهي ماڻهن وٽ ماني پچائڻ جا ته وسيلا نه رهيا آهن پر هاڻ اتي اوٻاريل مانين کي کائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ڪابل ۾ فٽپاٿ تي روڊ جي ڪناري سان ماڻهو ريڙهن ۽ هٿ گاڏين تي رکيل بچيل مانين جا ٽڪرا خريد ڪندا آهن. معاشي بحران مان بيزار ماڻهو اهي ماني جا ٽڪرا خريد ڪري کائي به رهيا آهن. عوام عالمي برادري کي امداد جي اپيل ڪئي آهي.