لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي افغان ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽيم ۾ شاداب خان (ڪپتان)، عبدالله شفيق، اعظم خان، فهيم اشرف، افتخار احمد، نسيم شاهه، صائم ايوب، شان مسعود، طيب طاهر، زمان خان، احسان الله، عماد وسيم، محمد حارث، محمد نواز ۽ محمد وسيم جونيئر شامل آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انهن رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو جن پي ايس ايل ۾ پرفارم ڪيو، 3 ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو، اسان کي ورلڊ ڪپ جي تياري ڪرڻي آهي، اسان جا ڪجهه سينيئر رانديگرن 2 سالن کان تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏيا آهن.  نجم سيٺي چيو ته بابراعظم، فخرزمان، شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ محمد رضوان کي آرام ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته گهڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ کانپوءِ رانديگرن کي آرام جي به ضرورت هوندي آهي.