ٺٽو/ٽنڊوالهيار (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت 3 سالن جي دور ۾ عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڌڪڻ سان گڏ روزگار ۽ گھرن جي سهولت نه ڏني پر جيڪو ماڻهن وٽ روزگار ۽ گھر هئا اهي به کسي ڊاهي پٽ ڪري عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي بابت سنڌ جي عوام کي ڄاڻ ڏيڻ وارو سنڌ جي 5 ڏينهن وارو دورو ٺٽي کان شروع ڪيو، دوري دوران ٺٽي جي مختلف شهرن گھارو ۽ ٺٽو ۾ ماڻهن پاران استقبالي ڪئمپن تي گڏ ٿيل عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪرڻ سان گڏ ملڪاڻي هائوس مڪلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪروڙ نوڪرين مان هڪ به نوڪري نه ڏني مورڳو جن ماڻهن کي پ پ نوڪريون ڏنيون انهن کان به نوڪريون کسي کين نوڪرين کان محروم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسٽيل مل جي ’10 هزار ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ سان گڏ شهيد بينظير جي دور ۾ بيروزگارن کي ڏنل 16 هزار نوڪريون کسي ماڻهن جي گهرن جي چلهن کي وسائي ڇڏيو آهي هن چيو ته 50 لک گھر ڏيڻ واري حڪومت ڪنهن کي هڪ به گهر ته ناهي ڏنو پر جن غريبن وٽ گھر هئا انهن کي گھرن جي ڇت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 3 سالن واري حڪومت ۾ مهانگائي عروج تي پهتي آهي گئس، تيل، بجلي جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ آئي آهي. جڏهن ته هن مختلف سوالن جي جواب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ کان محروم رکندي هاڻ پاڻي به بند ڪري سنڌ جي زمين کي سوڪهڙي جي ور چاڙهي آبادگارن ، هارين جو معاشي قتلام ڪيو آهي ته وري پاڻي جي لاڳيتي کوٽ ڪري ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن. هن چيو ته ٺٽو پوڇڙ وارو ضلعو آهي جيڪو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومت وفاق کي نقصان پهچائي رهي آهي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پاڻي جي گهٽتائي وڌندي پئي وڃي، وفاقي حڪومت پاڻي معاملي تي احتجاج تي مجبور نه ڪري، وفاق کي هاڻي صوبن جي حقن تي ڌاڙا نه هڻڻ ڏنا ويندا. هن چيو ته افغاني مسئلي جي باوجود ملڪ جو بارڊر محفوظ آهي ۽ انهن کي اچڻ ڏنو پيو وڃي جن وٽ سمورو رڪارڊ آهي انهن کي ضروري رڪارڊ جي چڪاس بعد ملڪ ۾ اچڻ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي بهتري لاءِ ضروري اثاثو آهي سي پيڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي زمين دهشت گردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي ۽ سي پيڪ سان متعلق چين جا خدشا به دور ڪيا ويندا. جڏهن ته هن افغان متاثرن جي سنڌ ۾ رهڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ افغان مان ايندڙن کي عارضي بنيادن تي رهايو ويندو ۽ هڪ مهيني بعد کين واپس سندن ڏيهه موڪليو ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 3 سالن واري ناقص ڪارڪردگي سبب عوام پ پ طرف ڏسي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو پ پ وفاق جي علامت آهي ۽ پ پ جي حڪومت ۾ ئي قوم خوشحال بڻي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته پ پ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڇاتي جي مختلف بيمارين لاءِ اين آءِ سي وي ڊي ٺهرائڻ گھري ٿي جڏهن ته ٺٽي جي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس کي ترت عمارت ڏيارڻ سان گڏ آءِ بي اي جي ڪئمپس جي عمارت جي رهيل ڪم کي پڻ ترت اڪلايو ويندو ته جيئن ٺٽي جا نوجوان تعليم حاصل ڪري سگھن. جڏهن ته هن ٺٽو جھمپير روڊ جي ترت ٺهرائڻ لاءِ پڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي موقعي تي چيو ته ٺٽو جھمپير روڊ ترت ٺهرائي هتان جي رهواسين جي تڪليفن ۾ گھٽتائي آندي وڃي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو الهيار پهچي اڳوڻي ايم اين اي پير نور محمد شاهه جيلاني جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ملاڪاتيار ۽ ٽنڊوڄام پهچڻ تي سندس پ پ ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو.


































