ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي اعليٰ تعليم جي وزير ندا محمد نديم چيو آهي ته حڪومت سان اختلاف ڪندڙن کي قتل ڪري ڇڏڻ گهرجي. قنڌار ۾ ججن ۽ مفتين جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ندا محمد نديم چيو ته ڪجهه ماڻهو ۽ گروهه ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن پر طالبان ويڙهاڪ انهن کي دٻائڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو حڪومت کي لفظن، قلم يا پنهنجي عمل سان غير مستحڪم ڪن ٿا، انهن کي ماري ڇڏڻ گهرجي. هوڏانهن افغان طالبان مرد درزين تي عورتن جا ڪپڙا سبڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي، افغان صوبي پروان جي درزين جو چوڻ آهي ته افغان طالبان زباني حڪم ڏنو آهي ته توهان عورتن جا ڪپڙا نه ٿا سبي سگهو.