افغان طالبان آمريڪي فورسز جي گاڏين ۽ ھٿيارن تي قبضو ڪري ورتو

0
742

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان ۾ طالبان آمريڪي فورسز پاران ڇڏيل سامان ۽ بارود تي قبضو ڪري ورتو آھي، غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب طالبان مريڪي فوج جي واپسي بعد ڇڏيل فورسز جي گاڏين ۽ بڪتربند گاڏين تي قبضو ڪري ورتو آھي، ميڊيا رپورٽس موجب سوشل ميڊيا تي افغان طالبان ڪجھ تصويرون سامھون آيون آھن، جاچ بعد اھا ڳالھ سامھون آئي آھي تھ گذريل مھيني جون ۾ 700 فوجي گاڏين کي قبضي ۾ ورتو ويو آھي، طالبان ھاڻ انھن کي پنھنجي ڪاررواين ۾ استعمال ڪندا، غير ملڪي ميڊيا موجب موجب 30 جون تائين ڪيل جاچ ۾ اھي ثبوت سامھون آيا آھن تھ 715 عام گاڏين کي بھ تحويل ۾ ورتو ويو آھي، جڏھن تھ ان کانسواءِ ڪيتري ئي ساز و سامان کي قبضي ۾ ورتو ويو آھي، جڏھن تھ طالبان في الحال ڪا تصوير يا وڊيوز جاري ناھي ڪئي، ان حوالي سان طالبان جون تصويرون ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ افغان طالبان ٽرڪن، توپن ۽ بڪتربند گاڏين سان گڏ موجود آھن.