اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قطر جي امير، سعودي ولي عهد ۽ يو اي جي ولي عهد سان فون تي رابطا ڪيا جنهن دوران افغان صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  ڪالهه وزيراعظم عمران خان ۽ يو اي اي جي ولي عهد محمد بن زيد وچ  ۾ فون تي رابطو ٿيو ، رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفي تعلقاتن، خطي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان جي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان يو اي اي سان تعلقاتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سميت خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري کي افغانستان جي معاشي مدد ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم ايڪسپو 2020ع لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي دبئي جي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم جو سعودي جي ولي عهد محمد بن سلمان سان به فون تي رابطو ٿيو جنهن دوران ٻطرفي تعلقاتن ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي خودمختيار ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان پاران حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم زور ڀريندي چيو ته عالمي برادري تي ذميواري آهي ته اها افغاني عوام سان گڏ بيهي، وزيراعظم عمران خان جو قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان به فون تي رابطو ٿيو جنهن دوران ٻطرفي تعلقاتن ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان قطر سان سياسي ۽ اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قطر ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم زور ڀريو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سوڌو خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري هن اهم موڙ تي معاشي ۽ افغانستان جي ترقي لاءِ مدد ڪري.