راولپنڊي (م ڊ) سرحد پار دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو آهي. اتر وزيرستان  ۾ سرحد پار دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهتو. دهشتگردن فائرنگ دوتوئي جي علائقي ۾ ڪئي، شهيد ٿيندڙ 34ورهين جو سپاهي نذير محمد جو واسطو جعفرآباد سان هيو. پاڪستان دهشتگردن پاران افغان سر زمين جي استعمال جي سخت مذمت ڪئي. آءِ ايس پي آر بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته افغان اختياريون مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻندي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، شهيدن جون قربانيون پاڪ فوج جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏينديون آهن.