ڪابل(م ڊ) گڏيل قومن افغان طالبان جي حڪومت کان اقتدار ۾ عورتن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي نائب سربراهه امينه محمد چيو ته افغانستان ۾ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ عورتن کي به شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته طالبان هيستائين عالمي شرط پورا ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري انهن کي تسليم نه پيو ڪيو وڃي.