لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان سنڌ مان افغان مهاجرن جي نيڪالي نه ٿيڻ خلاف ايوب ڪالوني کان هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اسلم تنيو، بدرميراڻي، درياهه خان تنيو، غفور چانڊيو، بهادر چانڊيو، مظفر سومرو، عاقب ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد ٿيل 70 لک افغاني معاشي طور سنڌ کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، جڏهن ته کين بيدخل ڪرڻ جو مدو 20 جون 2020ع تي پورو ٿي چڪو آهي پر ان جي باوجود افغانين کي سنڌ مان نيڪالي نه پئي ڏني وڃي، هنن ڌارين کي فوري نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.