ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) افغاني عورت کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ بابت گهرو وزارت کان جواب طلب، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ افغاني عورت پاران پاڪستاني شهريت نه ملڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نازيه افغاني ماءُ پيءُ جي اولاد آھي، جيڪا پاڻ پاڪستان ۾ پيدا ٿي، هتي هن هن پاڪستاني شهري مير حسين سان شادي ڪئي، کيس 3 ٻار به آهن،  گهرو وزارت نازيه جي پاڪستاني شهريت لاءِ افغاني پاسپورٽ واپس ڪرڻ ۽ ڊوميسائل جو شرط لاڳو ڪيو آھي، ٻئي طرف  ڊپٽي ڪمشنر چوي ٿو ته ڪنهن ٻئي صوبي جي رهندڙ پاڪستاني کي به ڊوميسائل ڏئي نٿو سگهجي، هڪ افغاني کي ڪيئن جاري ٿيندو؟  وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ 22 هزار ڪامورن پرڏيهي عورتن سان شاديون ڪيون آهن، يورپ ۾ پاڪستاني سفارتخانن هزارين پاڪستاني شهريتون ورهايون آهن، نازيه کي شهريت ڏني وڃي،  عدالت گهرو وزارت کي 22 مارچ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.