ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ برقعو پائيندڙ شاگردياڻين کي گرلز اسڪولن ۾ اچڻ جي اجازت ملي وئي. ڪالهه افغانستان جي صوبي بلخ ۾ گرلز اسڪول مڪمل طور کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. طالبان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته طالبان تعليم سان گڏ تربيت کي به ترجيح ڏين ٿا ته جيئن گرلز اسڪول انڊيا يا يورپ جيا فحاشي جا اڏا نه بڻجن ۽ بواءِ فرينڊ گرل فرينڊ جي گند کان افغان معاشرو محفوظ رهي. طالبان هڪ تصوير به جاري ڪئي جنهن ۾ شاگردياڻيون مڪمل پردي سان برقعي ۾ چهرو به بند ڪيل اسڪول ۾ داخل ٿي رهيون آهن.