نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن افغانستان ۾ ڇوڪرين جي پڙهڻ تي پابندي کي شرمناڪ قرار ڏيندي طالبان تي زور ڀريو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڇوڪرين جا هاءِ اسڪول ٻيهر کوليا وڃن.ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي ان جي مذمت ڪجي ٿي. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ڇوڪريون تعليم کان محروم آهن.