افغانستان ۾ ڀارتي قونصل خانو بند،عملو به واپس گهرايو ويو

0
404

ڪراچي(م ڊ) افغانستان جي ٻي وڏي شهر قنڌار ۾ قائم ڀارتي قونصل خانو بند ڪيو ويو آهي ۽ عملي کي به واپس گهرايو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت افغانستان ۾ شيديد لڙائي جي ڪري قنڌار قونصل خاني جي ڀارتي عملي کي واپس گهرايو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب افغان طالبان جي قنڌار جي طرف اڳڀرائي جاري آهي ۽ افغان حڪومت کي قنڌار جي طرف طالبان جو شديد دٻاءُ آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان طالبان جمعي تي قنڌار جي مختلف چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، صوبي ۾ افغان طالبان پهرين ئي وڏن علائقن تي ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن، ٻئي طرف ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عملي جي واپسي حالتن جي بهتري تائين هڪ وقتي قدم آهي، جڏهن ته قنڌار جو مقامي عملو ڪم ڪندو رهندو.