ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ پهريون ڀيرو ريل گاڏي هلي وئي، چين مان پهرين واپاري ٽرين سامان کڻي افغانستان پهچي وئي. افغان ميڊيا جي رپورٽ موجب افغان معيشت لاءِ سٺي خبر آهي ته چين مان واپاري ٽرين افغانستان پهچي وئي آهي. ڪرغزستان ۽ ترڪمانستان مان ٿي اها ڪارگو ٽرين صديون پراڻي شاهراهه ريشم کان واپاري سامان کڻي ڪابل پهتي آهي. اهو ٻنهي ملڪن ۾ واپار ج نئون رستو کليو آهي.