ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ البيروني يونيورسٽي جي بس کي ڌماڪي سان اڏايو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ليڪچرار مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب يونيورسٽي بس کي صوبي پروان جي ضلعي بگرم ۾ نشانو بڻايو ويو. بس ۾ 20 جي لڳ ڀڳ استاد ۽ تعليمي عملو سوار هو. ڌماڪو ايترو شديد هو جو يونيورسٽي بس مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ڌماڪي کانپوءِ مسافر بس ۾ ڦاسي پيا. ريسڪيو اداري جي عملي بس کي ڪٽي مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي 4 ليڪچرارن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي. ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا به ٿيا جن ۾ گهڻو ڪري استاد شامل آهن. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين مان 6 جي حالت نازڪ هئڻ جي ڪري مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي جڏهن ته ڪجهه استاد هٿن ۽ پيرن کان محروم ٿي ويا آهن.پروان پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪنهن شدت پسند گروپ حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر ان علائقي ۾ طالبان سميت ڪيترائي ويڙهاڪ گروپ متحرڪ آهن.