ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي آپريشن ۾ داعش جو اڳواڻ اعجاز امين ٻن ساٿين سميت مارجي ويو. عالمي خابرو اداري جي رپورٽ موجب طالبان پاران انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي داعش خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪابل ۾ داعش جو اڳواڻ اعجاز امين ٻن ساٿين سميت مارجي ويو. مارجي ويل اعجاز امين داعش جو ننڍي کنڊ ۾ سربراهه هو.