ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ سينيئر ترين آمريڪي ڪمانڊر جنرل آسٽن اسڪاٽ ملز پنهنجي ڪمان تان دستبردار ٿي ويو، جنرل آسٽن ڪمان جنرل ڪينٿ مک ڪنزي جي حوالي ڪري ڇڏي، آمريڪي صدر جوبائيڊن جنرل آسٽن اسڪاٽ مِلر کي حتمي واپسي جي ذميواري سونپي وئي هئي. افغانستان مان آمريڪا جي واپسي آگسٽ جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندي، نيڪالي بعد آمريڪي سفارتخاني جي حفاظت تي تقريبن 650 آمريڪي فوجي مقرر رهندا.