ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ گذريل ڏينهن آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، فوتين جو انگ هزار کان ٽپي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب افغان صوبي پڪتيڪا ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي لوڏن جي شدت 6 ڏهائي هڪ کان وڌيڪ هئي، جڏهن ته زلزلي جي نتيجي ۾ هنيئر تائين 1000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 600 کان وڌيڪ زخمي آهن. ميڊيا رپورٽن موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي. رپورٽن موجب زلزلو خوست کان تقريبن 44 ڪلوميٽر پري 51 ڪلوميٽر جي گهرائي ۾ آيو، زلزلي جا لوڏا افغانستان جي 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيئي علائقن ۾ پڻ زلزلو محسوس ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ڪابل ۾ پڻ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ گهرائي 51 ڪلوميٽر ميٽر هئي جڏهن ته زلزلو رات دير سان محسوس ڪيو ويو. افغان اختيارين  موجب زلزلي سبب متاثر علائقن ڏانهن فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جاني نقصان وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، افعان حڪومت عالمي ادارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف پاران افغانستان ۾ زلزلي سبب قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي افغانستان جي مدد جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لکيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ افغان  ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون.