افغانستان ۾ جهاتي

0
723

آمريڪي صدر جو بائيڊن گذريل سال فيبروري ۾ طالبان سان دوحا ۾ ٿيل معاهدي جي پاسداري ڪندي اربع 14 اپريل تي وائيٽ هائوس جي ٽريٽي روم مان پنهنجي خطاب ۾ اعلان ڪيو ته پهرين مئي کان افغانستان مان باقي رهيل آمريڪي فوجي جن جو تعداد هن وقت 2,500 آهي نڪرڻ شروع ڪندا ۽ 9/11 جي ويهين سالگرهه جي موقعي تي اهو آپريشن مڪمل ٿي ويندو. جو بائيڊن اها تقرير ان ڪمري مان ڪئي جتان 20 سال پهريائين تڏهوڪي صدر جارج بش آڪٽوبر 2001 ۾ 9/11 جي واقعي بعد افغانستان ڏانهن آمريڪي فوجون موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو. ان جنگ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي اغوا ٿيل جهازن وسيلي ڪيرائڻ جي واقعي ۾ مرندڙن جي تعداد جي لڳ ڀڳ 2,400 آمريڪي فوجي هن وقت تائين افغانستان ۾ مري چڪا آهن جڏهن ته 22 هزار فوجي زخمي ٿيا آهن. سندن فوجين جو تعداد ان جي چوٽي تي 2009 ۾ صدر اوباما پاران 48 هزار اضافي فوجي موڪلڻ بعد 98,000 تي پهچي چڪو هو ۽ اوباما جي ان فيصلي جي جوبائيڊن نائب صدر جي حيثيت ۾ مخالفت ڪري چڪو هو. هن چيو ته هو القاعده کي گهڻو اڳي شڪست ڏئي سندن اڳواڻ اوساما بن لادن کي پاڪستان ۾ ماري پنهنجو مقصد حاصل ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آمريڪي تاريخ جي ڊگهي ۾ ڊگهي جنگ جنهن تي سندن 20 کرب ڊالر خرچ آيو آهي تنهن مان جان ڇڏائي ٻين اهم معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته هو نٿو چاهي ته پنجون آمريڪي صدر به ان جنگ ۾ ڦاٿل هجي جنهن۾ هن وقت تائين بش، اوباما، ٽرمپ ۽ هو پاڻ ڦاٿل رهيا آهن.
43 سالن کان جنگ ۽ جدول سان ڀرپور ماراماري واري فلم افغانستان ۾ جاري آهي. پاڙيسري ملڪ جي حالت جو پاڪستان جي صورتحال تي گهرو اثر آهي. افغان پناهگيرن جا ڪٽڪ هجن يا ملڪ ۾ هيروئن ۽ هٿيارن جا انبار، ڪاري ناڻي ڪڻڪ گيھه اٽي ٽائرن اليڪٽرانڪس دهشتگردي جي اسمگنگ هجي يا پاڪستان ۾ حڪومتن جو اينگهجڻ يا ختم ٿيڻ ۽ ٻن وزيراعظمن جي قتل ٿيڻ جا واقعا هجن انهن جو سڌو يا اڻسڌو واسطو افغان جنگ ۽ افغانستان جي صورتحال سان رهيو آهي. چئن ڏهاڪن جي ان جنگ جو پهريون مرحلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن اپريل 1978 ۾ سوويت نواز کاٻي ڌر جي نورمحمد ترھ ڪي سردار دائود جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽ بعد ۾ جنهنجو تختو آمريڪا مان پڙهيل ڪميونسٽ حفيظ الله امين سيپٽمبر 1979 ۾ اونڌو ڪيو هو پر ٽن مهينن بعد سندس ئي تختو سوويت يونين جي فوجن جي مدد سان ببرڪ ڪرمال اونڌو ڪرايو. پنهنجي چوٽ تي هڪ لک سوويت فوجي افغانستان ۾ موجود هئا. بعد ۾ ڊاڪٽر نجيب اقتدار ۾ رهيو ۽ اهو مرحلو فيبروري 1989 ۾ سوويت فوجن جي مڪمل واپسي بعد 1992 ۾ صدر نجيب جي استعيفا ۽ آخرڪار 1996 ۾ طالبان جي اسلامي امارات ٺهڻ سان ختم ٿيو هو تنهن 18 سالن جي دور ۾ لکين افغان مارجي چڪا هئا ۽ ايترائي اپاهج به ٿيا هئا. جڏهن ته تازي ويھه سالن جي جنگ ۾ واشنگٽن انسٽيٽيوٽ موجب ٽن لکن کان وڌيڪ افغان مارجي چڪا آهن جن۾ اڪثريت عام شهرين جي آهي ۽ سندن 14 هزارن جي لڳ ڀڳ ڳوٺ تباھه ٿي چڪا آهن. گذريل سال فيبروري ۾ پهريائين طالبان ۽ آمريڪا ۽ بعد ۾ سيپٽمبر ۾ طالبان ۽ صدر اشرف غني جي افغان حڪومت وچ۾ امن معاهدو ٿيو هو جنهن تي اشرف غني تيستائين صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو جيستائين 3,400 ميمبرن تي مشتمل افغان لويا جرگي ان جي حمايت نه ڪئي هئي. اشرف غني جنهن آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان اينٿروپولاجي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري ورلڊ بينڪ ۾ نوڪري به ڪئي هئي سو افغانستان بابت خاص آمريڪي صلاحڪار زلمي خليل زادي جو ننڍپڻ جو دوست هو، ٻئي نه فقط گڏجي فٽبال کيڏندا هئا پر جواني ۾ آمريڪي ايڪسچينج پروگرام تحت تعليم لاءِ ساڳئي جهاز ۾ ڪابل مان آمريڪا روانا ٿيا هئا ۽ زلمي جي سفارش تي ئي ڪرزائي کيس خزاني جو وزير بڻايو هو. بعد ۾ 2014 جي اليڪشن ۾ عبدالله عبدالله جي 45 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 31 سيڪڙو ووٽ کڻڻ باوجود ٻئي مرحلي ۾ اشرف غني کي کٽائي صدر ڪيو ويو هو جنهن تي نارٿرن الائنس جي عبدالله عبدالله جيڪو اکين جو ڊاڪٽر هو احتجاج ڪندي ان کي ڌانڌلي قرار ڏنو هو. گذريل سال سيپٽمبر ۾ معاهدي کان پوءِ اشرف غني پنج هزار طالبان قيدين مان 4,600 آزاد ڪيا پر سنگين ڏوهن ۾ ملوث 400 طالبان اڃان به آزاديء جي انتظار ۾ ويٺا آهن. طالبان جوبائيڊن جي تازي اعلان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته معاهدي تحت پهرين مئي تائين سمورا آمريڪي فوجي واپس وڃڻا آهن جنهن تي عمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻي ڪانفرنس هن مهيني جي 24 تاريخ ترڪي ۾ به رٿيل آهي. هن وقت 54 سيڪڙو علائقن تي سرڪاري جڏهن ته 12 سيڪڙو تي طالبان ۽ باقي 34 سيڪڙو تي ڪنهن به گروپ جو موثر ڪنٽرول ناهي. طالبان سان ڳجهيون آمريڪي ڳالهيون پهريون دفعو 2010 ۾ ميونخ ۾ شروع ٿيون هيون جنهن ۾ قطر جو شيخ به ضامن طور شريڪ ٿيو هو ڇو ته طالبان شرط رکيو هو ته کين گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ ڳالهين کي ڳجهو رکيو ويندو
. ساڍا ٽي لک چورس ڪلوميٽرن تي رهندڙ چار ڪروڙ آبادي تي مشتمل فقط 19 ارب ڊالرن جي غريب معيشت جيڪا ويھه سال اڳ کان پنجوڻ تي آهي اهو سمنڊ کان ڪٽيل ملڪ جتي پنج سال پهريائين 35 سيڪڙو ماڻهون لکي پڙهي سگهندا هئا ۽ جيڪا شرح هاڻي 8 سيڪڙو وڌي 43 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي اتي جنگين سبب غربت، اپاهجي جو راڄ آهي. آمريڪي فوجين جي قبضي کانپوءِ ستن سالن ۾ آفيم جي پئداوار ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو هو. دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڀنگ به افغانستان ۾ ٿئي ٿي انکان سواءِ ڪڻڪ چانور ڪپھه مڪئي ٻاجهري ڏاڙهون اکروٽ بادام انگور ۽ ٻيو ميوو به وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿو. سندن 75 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي. في فرد سراسري سالياني آمدني 475 ڊالر آهي جيڪا پاڪستان جي في فرد سالياني آمدني جي ٽئين حصي برابر آهي پر سندن ڪرنسي افغاني جو ملھه آمريڪي امداد سبب پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي آهي. هن وقت تائين ويهن سالن ۾ اندازو آهي ته 143 ارب ڊالرن جي آمريڪي امداد افغانستان حڪومت کي ملي آهي جنهن جو وڏو حصو سيڪيورٽي ۽ باقي گورننس، تعليم، صحت ۽ انساني بهتري لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. ڏهه يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن جنهن سبب ڇوڪرين جي تعليم ۾ بهتري آئي آهي. دري ۽ پشتو ۾ نوان ڪورس شروع ڪيا ويا آهن جن۾ امن لاءِ ڳالھه ٻولھه، سيڪيورٽي، معاشيات، سياست جا شعبا شامل آهن. امن کي فروغ ڏيڻ لاءِ امن ڪلبون قائم ڪيون ويون آهن.
افغانستان جنهن جي سرڪاري ٻولي پشتو ۽ فارسي يا دري آهن اهو تاريخ ۾ منگول، عرب، رومن، انگريز، سوويت توڙي ناٽو ۽ آمريڪي فوجن جي حملي هيٺ رهيو آهي. سمنڊ جي سڌي پهچ نه هئڻ سبب سندس آمدرفت ۽ واپار جو زميني رستو پاڪستان، ايران ۽ سينٽرل ايشيا جا ملڪ آهن. انڪري ئي انجي اندرين صورتحال جو اثر پاڪستان تي پوي ٿو جنهن سان سندس 2,600 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي جنهن کي انگريز سفارتڪار سر ڊيورينڊ ۽ افغان بادشاهه امير عبدالرحمان وچ۾ نومبر 1893 ۾ ٿيل معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو ۽ افغانستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن پاڪستان کي 1947 بعد اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاءِ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو
. افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجي نڪرڻ بعد خدشو ظاهر پيو ڪيو وڃي ته طالبان ٻيهر طاقتور ٿي سگهن ٿا ڇوته هوامن معاهدي باوجود مختلف علائقن تي حملا ڪري ماڻهون ماري رهيا آهن ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻيهر گهرو لڙائي نه شروع ٿي وڃي جيئن سوويت فوجن جي نڪرڻ بعد شروع ٿي هئي. جيتوڻيڪ معاهدي ۾ اها شق به شامل آهي ته هو القاعده سان تعلقات ختم ڪري کين اڳ وانگر پناھ نه ڏيندا پر خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عورتن جي آزادي، تعليم، ثقافت، برداشت ۽ امن کي ڇيهو رسندو ۽ ان جو اثر پاڪستان تي به پوڻ جو امڪان آهي جيڪو افغانستان جي صورتحال سبب متاثر ٿيندو رهيو آهي. انڪري هتي جمهوري آزادين، گورننس، ميڊيا، عورتن جي تعليم، برابري جيڪا اڳي ئي مشڪلاتن جو شڪار آهي وڌيڪ مصيبت ۾ پئجي سگهن ٿا ۽ پراڪسي وار افغانستان مان نڪري پاڙيسري ملڪن کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. ان صورت ۾ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جيڪا اڳي ئي ٻاهرين آبادڪاري خاص طور افغان مهاجرن جي غيرقانوني آبادڪاري جي دٻاءَ هيٺ آهي ۽ جتي ڪاري ناڻي سبب وڏي پئماني تي زمينن جي خريداري ۽ سرڪاري زمينن تي قبضي جي مهم جاري آهي تنهن بابت ٻوڏ مهل ٽپڙ کڻڻ جي دريائي سوچ جي ابتڙ اڳواٽ صفبندي بابت سوچڻ گهرجي