ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ اڳوڻي عورت پارليامينٽ ميمبر مرسل نبي زاده کي سندس گهر ۾ گارڊ سوڌو فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. عالمي خابرو اداري موجب افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پارليامينٽ جي هڪ عورت ميمبر مرسل نبي زاده جي گهر ۾ هڪ هٿياربند شخص گهڙي آيو جنهن سندس گارڊ کي روڪڻ تي ماري ڇڏيو. هٿياربند جي فائرنگ ۾ گارڊ موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته هٿياربند عورت کي به گولين جو بک بڻايو ۽ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جو ڀاءُ به واقعي ۾ زخمي ٿي پيو. اتان جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هٿياربند واقعي بعد فرار ٿي ويو، کيس گرفتار ڪيو ويندو.