افغانستان ڪو جهنگل يا رڻ پٽ ناهي

0
167
افغانستان ڪو جهنگل يا رڻ پٽ ناهي

يارو پنھنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون. آمريڪا يا ٻين قبضاگير طاقتن، جن جن ملڪن تي حملو ڪري انهن کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو، ان جي ستياناس ڪري ڇڏي. ظاهري طرح ته اهو ئي واعظ ڪندا رهيا ته اسان هن ملڪ کي سڌارڻ ٿا چاهيون، کين جمھوريت ٿا سيکاريون، امن امان ٿا قائم ڪريون… وغيره وغيره، پر ايئن ٿيو ناهي. چند من پسند ماڻهن، موقع پرست اشرافيا کي ضرور فائدو پھچايو ويو، باقي ملڪ ۽ قوم کي نه رڳو برباد ڪيو ويو پر اتي جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اهڙو لڳايو ويو جو قبضا گيرن جي وڃڻ بعد به هنن جي من جي مراد پوري ٿيندي رهي ۽ مڪاني ماڻهو مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيندا رهيا.

ڪٿي ته سڄي ملڪ جا حصا ٿي ويا. ڪوريا ڏسو! هڪ ملڪ، هڪ قوم، هڪ ٻوليءَ جو ملڪ هو … هاڻ هڪ اترڪوريا ٿيو ويٺو آهي ته ٻيو ڏکڻ ڪوريا! پنھنجيون سموريون طاقتون هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ برباد ڪيو ويٺا آهن …. سوڊان ڏسو! هاڻ هڪ اتر سوڊان ٿيو ويٺو آهي ته ٻيو ڏکڻ سوڊان. ڪيترائي سال جرمني مغربي ۽ مشرقي حصن ۾  رهيو پر شايد عقلمند ۽ پڙهيل لکيل هجڻ ڪري اڄ وري هو ڳنڍجي هڪ جرمني ٿي ويو آهي ۽ گڏجي ترقي ڪري رهيو آهي.

ڪٿي انهن قبضاگير مافيا ملڪن، قبضي ۾ آندل ملڪن جي پچر ڇڏڻ وقت انهن ۾ ڪو اهڙو مسئلو پيدا ڪري ويا، جو اهي ملڪ اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيا آهن. ننڍي کنڊ جو ئي مثال وٺو: انگريزن هڪ وڏي طاقت رکي ٿي. هنن کي پاڪستان ۽ انڊيا الڳ ڪري وڃڻو هو ته آرام سان ۽ امن امان سان فيصلي مطابق سرحدون قائم ڪري، صحيح طرح هر شيءَ جو ورهاڱو ڪري وڃن ها. آخر بنگال ۽ پنجاب جا به ٽڪرا ٿي سگهيا ٿي. ٻين رياستن جو به فيصلو ڪري ڪا انڊيا يا ڪا پاڪستان حوالي ڪئي وئي.

اهڙي طرح ڪشمير جو به پختو فيصلو ٿي سگهيو ٿي، جنھن تي اڄ تائين ٻئي ملڪ پيا وڙهن ۽ فوج تي خرچ ڪن. ننڍي کنڊ جھڙي خوشحال خطي ۾ غربت لڳي پئي آهي. ڪمائيءَ جو وڏو حصو يورپ ۽ آمريڪا پيو کڻي، جتي جا ڪارخانا اسان لاءِ جنگي سامان پيا ٺاهين. هو پاڻ ته اسان جي ڪارخانن ۾ ٺھندڙ قميصون ۽ پتلونون سستي اگهه ۾ به منٿن سان خريد ڪن ٿا. باقي اسان کي سندن مال ڳري اگهه ۾ ڏين ٿا. آمريڪا جھڙو ملڪ جنگي جھاز ڏيڻ لاءِ پئسا اڳواٽ وٺي ڪي سال نه مال ٿي ڏنائين نه اسان جا پئسا ٿي واپس ڪيائين.

هاڻ آمريڪن افغانستان جي پچر ڇڏي آهي، پر افغانستان جو اتر وارو حصو اڃان آمريڪا جو پوئلڳ آهي. اسان جھڙن ملڪن ۾ جتي تعليم گهٽ آهي، اتي ماڻهن جا جذبات ڀڙڪائڻ ڏکيو ڪم ناهي …. انهن کي مذهب: هندو مسلمان، فرقي: شيعا سني يا زبان: هندي سنڌي، پنجابي بنگالي، پشتون دري، ازبڪ ترڪماني يا قبيلي جي بنياد تي آسانيءَ سان ٻه ٽولا ٺاهي هنن کي هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ لڳائي سگهجي ٿو جيئن اڻ ختم ٿيندڙ نفرتن جي باهه ۾ خوبصورت افغانستان تباهه ٿيندو رهي.

خوبصورت افغانستان به آئون ٿو چوان جو پوڙهو ماڻهو آهيان… ٿورو ٿورو ماضيءَ کان واقف آهيان، تواريخ جو شاگرد آهيان نه ته هي ملڪ افغانستان جيڪو چاليهه سالن کان جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ان ملڪ بابت توهان ڪنھن چاليهه پنجاهه سالن جي عمر واري کان پڇي ڏسو ته هو افغانستان کي ڪيئن ٿو ڏسي ته هو اهو ئي چوندو ته اهو هڪ ويران ملڪ آهي، ڌاڙيلن جھڙا ماڻهو بندوقون ۽ ائنٽي ايئرڪرافٽ گنون ڪنڌ تي رکيو پيا هلن، تعليم صفا نه اٿن، پھرين نمبر جا ڄٽ آهن،

ڪنھن قسم جي تھذيب يا ثقافت سان واسطو نه اٿن… وغيره وغيره.  اهو ان ڪري جو هنن ننڍي هوندي کان وٺي افغانين کي وڙهندي ۽ دربدر ٿيندي ڏٺو آهي، مغرب جي ميڊيا ذريعي هنن بابت خبرون پڙهيون ۽ ڏٺيون آهن… ظاهر آهي سوچ به ان مطابق رهي ٿي. مون کي ياد آهي ته جوانيِءَ جي ڏينھن ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهي اتي جي رسالن ۽ اخبارن  يعني ميڊيا ذريعي منهنجي ذهن ۾ ايران لاءِ اهو ئي اميج ويھي ويو هو ته هو ڪٽر ملان آهن، هو جاهل آهن، هنن وٽ عورتون گهرن ۾ قيد آهن، ماڊرن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان اڻ واقف آهن … پر پوءِ  گهڻو گهڻو پوءِ، ايران وڃي ڏٺم ۽ اتي جي تواريخ پڙهيم ته مون کي مغرب جي دنيا ڄٽ لڳي.

سو  اڄ جو نوجوان توڙي چاليهه پنجيتاليهه سالن جو جوان جنھن افغانستان کي ننڍي هوندي کان تباهه حال ۾ ڏٺو ۽ ان کي، افغانستان (جنھن جو ڪجهه حصو خراسان به سڏيو ويو ٿي) ان جي شان شوڪت جي ڇا خبر!

هي اهو افغانستان آهي جنھن ۾ ٺٽي، ملتان، لاهور، دهلي، لکنو، بنارس جھڙا پراڻا ۽ تواريخي شھر آهن  جيئن ته :بلخ، غزني، قندوز، ڪابل، قنڌار، هرات، مزار شريف، طالقان، جلال آباد، چاريڪا، شبرغان، خوست، چغچران، سمنگان، لشڪرگاهه … وغيره. ڪو اهي نالا ٻڌي چوندو ته اهي شھر شايد ايران، ازبڪستان، ترڪمنستان يا تاجڪستان جا آهن.

اهي شهر ثقافت ۽ تواريخ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهن.   هونئن به ڏٺو وڃي ته پرشن حڪومت جون سرحدون عراق، ازبڪستان، افغانستان ۽ اڄ واري اتر پاڪستان تائين ڦھليل هيون، جيئن ڪنھن زماني ۾ سنڌ جون سرحدون ملتان تائين هيون. اسان جا سنڌورڪي / واپاري بلخ ۽ بصري ڏي ويندا هئا ته اهي اتي سنڌي نه پر ملتاني سڏيا  ويا ٿي ۽ پرشيا ( ان وقت جي ايران) جي سلطنت جو گاديءَ جو شھر ڪڏهن اردابيل، اصفھان، ڪرمان، مشھد، مَرو، نيشاپور، شيراز، يزد ۽ همدان يعني اڄ جي ايران وارن شھرن مان ڪو شھر ٿي رهيو ته ڪڏهن عراق جو بغداد يا بصره ته ڪڏهن ازبڪستان جو سمرقند يا بخارا ته ڪڏهن اڄ واري افغانستان جو غزني (غزنا) يا هرات وغيره. ڇو جو انهن ڏينھن ۾ اهي شھر ايران جي پرشن سلطنت ۾ اچي ويا ٿي.

روس ۽ آمريڪا جي چڙهائين، افغانستان جي هيءَ حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ چوڌاري غربت نظر اچي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته افغانستان شايد اگهاڙن جبلن جو نالو آهي، جيڪي جبل ساوڪ کان خالي آهن پر ايئن ناهي. ننڍا هئاسين ته اسان افغانستان جي شھرن جي خوشحالي ۽ تعريف ٻڌي، اسان جا ماڻهو شھنشاهه پھلويءَ جو ايران ۽ دائود ۽ ظاهر شاهه بادشاهه جو افغانستان ڏسڻ ويندا هئا. ڪنھن زماني ۾ هرات خراسان جو اهم شھر هو ۽ خراسان جو موتي (Pearl) سڏيو ويو ٿي. “شاهه رخ” جي ڏينھن ۾ هرات جو شان اٽليءَ جي فلورينس شھر سان ڀيٽيو ويو ٿي.

نادر شاهه جي وفات بعد احمد شاهه درانيءَ پنھنجي دور حڪومت ۾ افغانستان جي هن شھر هرات کي پرشيا جي گاديءَ جو شھر مقرر ڪيو. هرات واري مسجد غياث الدين غوريءَ 1201ع ۾ ٺھرائي. مٿي شاهه رخ بادشاهه جي ڳالهه ڪئي اٿم جنھن پرشيا (ايران) تي 42 سال حڪومت ڪئي، جن ڏينھن ۾ افغانستان جو به وڏو حصو  اڄ جي ايران واري صوبي خراسان ۾ آيو ٿي. شاهه رخ ترڪو منگول فاتح تيمور جو پٽ هو. تيمور پنھنجي تيموريه گهراڻي جو بنياد رکيو ۽ اڄ واري افغانستان، ايران تي 1370ع کان 1405ع تائين حڪومت ڪئي. 1405ع ۾ سندس وفات بعد هن جو 28 سالن جو پٽ شاهه رخ تخت تي ويٺو.

ايران ويندڙ اسان جا زائرين شاهه رخ جي نالي کان کڻي واقف نه هجن پر هو هن جي راڻي گوهر شاد کان واقف هوندا جو مشھد ۾ امام علي رضا جي روزي سان گڏ راڻي گوهر شاد جي نالي سان ٺھرايل گوهر شاد مسجد هڪ خوبصورت عمارت جو نمونو آهي. شاهه رخ بادشاهه جي اڌ ڊزن زالن مان گوهر شاد اهم زال ۽ راڻي هئي، جنھن جو پٽ الغ بيگ ٽرگنامينٽري (مئٿس) ۽ علم فلڪيات (Astronomy) ۾ وڏو قابل ٿي گذريو آهي، جنھن جا ڪيترا فارمولا ۽ جدولون اڄ تائين دنيا ۾ پڙهايون وڃن ٿيون.

گوهر شاد جي شاهه رخ سان 1388ع ۾ شادي ٿي هئي. چيو وڃي ٿو ته هوءَ وڏي قابل عورت هئي. مشھد ۾ گوهر شاد مسجد وٽ سندس ڀيڻ تاج شاد جي قبر آهي. پاڻ هرات واري مدرسي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هن وقت مون هي قصو فقط ان ڪري کنيو آهي ته پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ته افغانستان به ايران، ازبڪستان جھڙن ملڪن کان گهٽ نه هو. شاديءَ وقت شاهه رخ جي حڪومت جو گاديءَ وارو شھر سمرقند (اڄ واري ازبڪستان) ۾ هو، جيڪو 17 سالن بعد گوهر شاد جي چوڻ تي هرات (اڄ واري افغانستان) ۾ ڪيو ويو. ان جو مطلب آهي ته اڄ واري افغانستان جو علائقو به قديم دور کان بلي بلي رهيو آهي.

مشھد واري گوهر شاد مسجد 1418ع ۾ ٺھرائي وئي. هرات ۾ رهڻ دوران هن اتي جيڪو مدرسو ٺھرايو، ان بابت پنھنجي ايران واري سفرنامي : “ايران ڏي اڏام” ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن راڻي صاحبا گوهر شاد هڪ ڏينهن پنھنجين 200 ٻانهين سان گڏ مدرسي جي انسپيڪشن تي وئي. اتي رهيل هڪ کٿابي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ گهاٽي ننڊ ۾ هو، جتي هن جي ٻانهين مان هڪ پھچي هن سان همبستري ڪئي. گوهر شاد کي جڏهن خبر پئي ته هن سمورين (ٻه سئو) ٻانهين جي شادي اتي موجود کٿابين سان ڪرائي ڇڏي.

هرات جي هن مدرسي سان جيڪو قبرستان لاڳو آهي ان ۾ سندس مقبرو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته 1447ع ۾ شاهه رخ جي وفات بعد ڏهه سال کن 1457ع تائين گوهر شاد راڄ ڪندي رهي ۽ تيموريه سلطنت عراق جي دجله نديءَ کان چين تائين هئي. 1457ع ۾ کيس سندس مڙس جي ڪزن سلطان ابو سعيد قتل ڪيو. ۽ سلطان ابو سعيد ڪير هو؟ مغل بادشاهه ظھير الدين بابر جنھن 1526ع ۾ انڊيا ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکيو، ان جو ڏاڏو هو. ظھير الدين بابر ولد عمر شيخ مرزا دوم ولد سلطان ابو سعيد.

گوهر شاد جي ياد ۾ افغانستان ۾ عورتن جي يونيورسٽي پڻ آهي.

بھرحال افغانستان ڪو رڻ پٽ ۽ جهنگل نه آهي. نه اهوثقافت ۽ ادب کان خالي آهي ۽ نه وري ان جا شھر ويران ۽ اڻڄاتل اڻسڃاتل آهن. مٿئين شھر هرات وانگر افغانستان جا ٻيا به ڪيترا ئي شھر تواريخي ۽ ڪنھن زماني ۾ دنيا جا مشھور شھر مڃيا ويا ٿي.