افغانستان مامري تي ٽيمون ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪري سگهن ٿيون: آسٽريلوي ڪپتان

0
437
افغانستان مامري تي

ڪراچي(م ڊ) آسٽريليا ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ٽم پين جو چوڻ آهي ته افغانستان جي مامري تي ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪري سگهن ٿيون.

آءِ سي سي ڪونسل جي قانون موجب ٽيسٽ جو ردجو رکڻ واريون ٽيمن جي لاءِ ضروري آهي ته هو عورتون به ڪرڪيٽ لاءِ متحرڪ هجن ۽ طالبان جي طرفان عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي اعلان بعد آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان افغانستان جي مردن جي ٽيم سان ٿيندڙ پهرين ۽ تاريخي ٽيسٽ کي منسوخ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.

هاڻي آسٽريلوي ڪپتان جو چوڻ آهي ته اسان جا سمورا رانديگر آسٽريليا جي فيصلي کي مڪمل طور تي سپورٽ ڪن ٿا ۽ هن جا اثر ورلڊ ڪپ تي به پئجي سگهن ٿا.

ٽم پين جو چوڻ هو ته مان سمجهان ٿو ته هن مامري تي ورلڊ ڪپ جي موقعي تي ٽيمون ٽورنامينٽ جي بائيڪاٽ جي حوالي ڳالهيون ڪنديون، جيڪڏهن ته ٽيمون افغانستان سان گڏ کيڏڻ کان انڪار ڪيون ۽ حڪومتون هنن کي پنهنجي علائقي ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏين ته ڪهڙي طرح ڪا به ٽيم آءِ سي سي ايونٽ ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿي.

هن چيو آهي ته عورتن ۽ انساني حقن جي حوالي سان مان سمجهان ٿو ته پنهنجي اڌ آبادي کي ڪجهه ڪرڻ کان روڪڻ وارن ملڪن سان اسان کي ڪنهن به قسم جو واسطو نه رکڻ گهرجي.