سجاول/جاتي (نمائندن وٽان) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  محرم الحرام ۽ افغانستان موجوده صورتحال بابت ٿريٽس موجود آهن، سنڌ ۾ تعليمي نصاب تمام بهتر آهي ، وفاقي حڪومت جو پوري مُلڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب قبول ناهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت سنڌ صوبي کي ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو آهي، هن چيو ته اعلان ڪيل تعليمي نصاب پي ٽي آءِ جو نصاب آهي، ان حوالي سان وفاق سان ڪافي وقت کان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ۽ اسان جو موقف آهي ته هر علائقي جو هڪ پنهنجو سسٽم آهي، ڪجھه شيون يڪسان ٿي سگھن ٿيون، هن چيو ته اسان پنهنجي تجربن تحت سنڌ جي ٻارڙن کي بهتر کان بهتر تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون، اهڙو اظهار هن پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد علي ملڪاڻي جي رهائش گاهه ڳوٺ راڄ ملڪ ۾ سندس والده جي لاڏاڻي ۽ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري سورج سجاولي جي رهائش گاهه تي سندس پونئرن سان تعزيت بعد ۽ بيگنا موري تي اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي سان عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، وزير اعليٰ سنڌ پاڻيءِ کوٽ بابت سوال تي چيو ته وفاق پاران واٽر ڪارڊ کي فالو نٿو ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ بابت سنڌ حڪومت پنهنجو موقف رکيو آهي، هن چيو ته هن وقت به چشمه جھلم لنڪ ۽ تونسه پنج ندي ڪينال وهائي رهيا آهن، اهي ٻئي ڪينال جيڪڏهن بند ٿين ته پوءِ پاڻي جي کوٽ ايتري نه ٿيندي جيڪو سنڌ جو حق پڻ آهي. هن چيو ته پاڻي دير سان اچڻ ڪري پوڇڙ وارن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين ۽ دادو کي نقصان ٿئي ٿو، هن چيو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو اُميد اهي ته وفاق ۽ ارسا سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجھندي ان جي ماڻهن کي اُڃ نه ماريندا، هڪ ٻي سوال تي وزير اعليٰ سنڌ چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال بعد يوم آزادي ۽ محرم الحرام دوران ٿريٽس مليا، جن کي پوري طاقت سان منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن، هن چيو ته مواڇ ڳوٺ وارو واقعو هڪ بزدلانه واقعو هو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شهيد ٿيون، واقعي جي زميواري اڃاتائين ڪنهن به ناهي قبولي، هن چيو ته حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عاشوري ۽ ان کان پوءِ به اهڙي قسم جو واقعو پيش نه اچي سگھي، ان حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ، شبير بجاراڻي، مڪيش چاولا، منظور وساڻ، معاون خاص صادق علي ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض شاهه شيرازي، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي پڻ موجود هئا.