اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغانستان جي صورتحال جي جائزي لاءِ اڄ آچر ڏينهن 22 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس جدي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان صورتحال تي عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي روس، جرمني ۽ ترڪ هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرامن افغانستان خطي جي امن لاءِ اهم قرار ڏنو، پرڏيهي وزير شاهه محمود پاران اڄ ڪابل جي هڪ ڏينهن جي دوري جو به امڪان آهي، پابندي پيل تنظيم ٽي ٽي پي جي پاڪستان مخالف سرگرمين جو معاملو به اٿاريندو،. پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي جو اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف سان به فون تي رابطو ٿيو، پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق فون تي رابطي دوران افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان کي اميد آهي ته افغاني اڳواڻ پنهنجي اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي حل لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو حاصل ڪندا، ڪابل ۾ هلندڙ ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر پوري خطي لاءِ بهتري جو سبب هوندي، افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته افغانستان جي بحالي ۽ ترقي لاءِ افغانين جي مالي معاونت لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري، ڪابل ۾ هڪ وسيع البنياد حڪومت جي قيام جا خواهشمند آهيون، هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي افغانستان اندر ۽ افغانستان کان ٻاهر ڪجهه امن مخالف قوتن جي موجودگي جي خطري کان آگاهه ڪيو.