هراري(اسپورٽس نيوز) افغانستان ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ زمبابوي جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز ٺاهيون. سڪندر رضا 45 رنز ٺاهي نمايان رهيو. افغانستان طرفان نجات مسعود 3 وڪيٽون ورتيون. افغانستان 19.2 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. حضرت ززئي 45 رنز ٺاهي آئوٽ، نجيب الله زدران 44 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي جنهن سبب کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.