افغانستان: لوگر بم ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 30 ٿي ويو

0
496

ڪابل (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان جي صوبي لوگر ۾ گذريل رات ٿيل بم ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 100 جي لڳ ڀڳ زخمي آهن. رپورٽن مطابق گذريل رات افغانستان جي صوبي لوگر جي پل عالم ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. افغان گهرو وزارت جي ترجمان طارق آرين واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته 90 کان وڌيڪ زخمي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ، لوگر گورنر عبدالقيوم رحيمي اسپتال پهچي زخمين جو معائنو ڪيو، هن واقعي کي وحشتناڪ قرار ڏنو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز مان معلوم ٿئي ٿو ته زوردار بم ڌماڪي ڪيئن شهرين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ معاهدي ۽ آمريڪي فوجين جي واپسي واري اعلان کان وٺي ، افغانستان ۾ اطلاعن مطابق ، طالبان جي حملن ۾ سراسري طور تي روزانو 49 ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن