افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ فائرنگ، صحافي سوڌو 4 ڄڻا قتل

0
204

ڪراچي(م ڊ) افغانستان جي صوبي ننگرھار جي شهر جلال آباد ۾ اڻڄتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 ڄڻ کي قتل ڪري ڏيو.

افغان ميڊيا رپورٽن مطابق افغان صحافي ۽ ليڪچرار سيد معروف سعادت به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.

مقامي ماڻهن موجب مارجي ويلن جو تعلق طالبان سان آهي جڏهن ته صحافي معروف سعادت جو پٽ فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پيو.

افغان ميڊيا موجب ڪنهن به گروپ اڃا تائين فائرنگ جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.