افغانستان جي سفير جي ڌيءَ جو اغوا

0
270

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي پوليس جيڪا ٻين صوبن کان هڪ الڳ مقام رکي ٿي، اها هن وقت تمام گهڻي مشڪل ۾ آهي. اسلام آباد کان ٻاهر رهندڙ پاڪستان جا شهري وفاقي گادي واري شهر کي محفوظ ترين ۽ خوبصورت شهر سمجهندا آهن، پر هتي رهندڙ شهري هن وقت خوف جي عالم ۾ آهن ته محفوظ سمجهيو ويندڙ شهر هن وقت ڦر، چورين ۽ ٻين ڏوهن ۾ وڪوڙجي ويو آهي. تازو اسلام آباد ۾ افغانستان جي سفير جي نياڻي جي اغوا وارو مامرو سامهون آيو، جنهن کان فوري پوءِ اسلام آباد جي پوليس ان واقعي جي جاچ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي. سومر واري ڏينهن اسلام آباد جي آءِ جي قاضي جميل الرحمان پرڏيهي مامرن واري وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغان سفير جي نياڻي جي اغوا جي حوالي سان جيئن ئي خبر آئي ته ان جي جاچ شروع ڪئي سين، معلوم ٿيو ته افغان سفير جي نياڻي 3 ٽيڪسيون بدلائي آخر ۾ اسلام آباد جي تفريحي ماڳ دامن ڪوهه پهتي. پوليس وارن افغان سفير جي نياڻي کي بازياب ته ڪرائي ورتو پر هن وقت به ان جي واقعي ۾ ڪيترائي اهڙا رخ آهن جن تي پوليس جاچ ڪري رهي آهي. پوليس جو اهو موقف آهي ته افغان سفير جي نياڻي اڪيلي 3 ٽيڪسيون ڇو تبديل ڪيون، ڇا ان ٽيڪسين تبديل ڪرڻ جو ڪو مقصد آهي؟ آءِ جي اسلام آباد جو اهو چوڻ آهي ته افغان سفير جي نياڻي اغوا ناهي ٿي، سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي جيڪا معلومات ملي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته افغان سفير جي نياڻي پنهنجي مرضي سان ڪاڏي وڃي رهي هئي. ان رخ جو جائزو به وٺي رهيا آهيون ته هوءَ ڪاڏي وڃي رهي هئي، ان سڄي واقعي جي جاچ لاءِ 250 کان وڌيڪ ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن، انهن بيانن جي نتيجي ۾ اهو واضح آهي ته افغان سفير جي نياڻي پاڻ گهران نڪري ٽيڪسين تي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين ويندي رهي، ان رخ جو جائزو ورتو پيو وڃي.
ٻئي طرف افغان سفير جي نياڻي جي اغوا جو مامرو سوشل ميڊيا تي ائين سامهون آيو ڄڻ ان عمل ۾ پاڪستان جا ڪي ادارا ملوث هجن. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ماڻهن پنهنجا پنهنجا خيال ۽ رايا ڏنا. ڪجهه جو اهو چوڻ هو ته شايد افغان سفير جي نياڻي ڪنهن دوست سان ملڻ وئي هجي. ڪجهه جو اهو خيال آهي ته افغان سفير جي نياڻي پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت لاءِ جاسوسي ڪندي آهي. ڪنهن عورت کي جيڪڏهن ڪنهن جڳهه تي وڃڻو هوندوآهي ته هڪ ئي سواري تي پنهنجي منزل تي پهچندي آهي پر هن ڪيس ۾ افغان سفير جي نياڻي پاران 3 ٽيڪسيون بدلائڻ وارو مامرو ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو! اسلام آباد پوليس جو اهو به موقف آهي ته ان واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته گهرو مامرن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد به اهو بيان ڏنو آهي ته افغان سفير جي نياڻي اغوا ناهي ٿي، ان مامري جو هر طريقي سان جائزو وٺنداسين.
افغان سفير جي نياڻي اغوا ٿيڻ جتي اسلام آباد جي پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو آهي اتي ئي پاڪستان جي مخالف ڪم ڪندڙ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽس اهڙا ته الزام هنيا جنهن سان اهو سمجهه ۾ آيو ته پاڪستان جا ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن.
افغان سفير جي نياڻي جي اغوا جو پڙاڏو پاڪستان جي ملڪي سياست تي به گونجندو رهيو. ان جو اظهار هن وقت آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز شريف پنهنجي تقريرن ۾ ڪيو. مريم نواز جي اهڙين تقريرن تي حڪومتي وزيرن ۽ ترجمانن به گهٽ نه ڪيو. انهن مريم نواز جي اهڙن الزامن جو جواب ڏيندي چيو ته هي هڪ اهم مامرو آهي ان تي مريم نواز کي سياست نه ڪرڻ گهرجي. پر ڇا ڪجي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو اهو اصول رهيو آهي ته هو هميشه حڪومت جي ناڪامي کي بنياد بڻائي پنهنجي سياست ڪندا آهن. مريم نواز ڪشمير جي چونڊ مهم ۾ ڪجهه عرصي کان جتي وزيراعظم عمران خان مٿان سڌو سنئون تنقيد نه ڪري رهي هئي اتي هن سڌو سنئون وزيراعظم عمران خان مٿان تنقيدي جملا استعمال ڪيا ۽ چيو ته عمران خان ڪڏهن به ڪشمير جي مامري کي عالمي طاقتن اڳيان ان طرح سان پيش ناهي ڪيو جيئن سندس والد ميان نواز شريف پيش ڪيو. ٻئي طرف ڪشمير جي چونڊن ۾ وزيراعظم بعد ۾ پهتو پر ان جا وفاقي وزير مراد سعيد، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا چونڊ مهم هلائيندا رهيا. عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو. انهن پنهنجي تقريرن ۾ اهي عام رواجي ڳالهيون ورجايون جيڪي هو پاڪستان جي عام سياست ۾ ڪندا رهيا آهن. سندن تقريرن جو محور نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ رهيا. هڪ جلسي ۾ ته ڪشمير مامرن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ڪجهه ماڻهن کي روڪ رقم ڏني، جنهن جي وڊيو منظر عام تي آئي. ان وڊيو جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي چونڊ مهم ۾ شموليت تي پابندي لڳائي ڇڏي. سندس پابندي کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي ڪجهه تڪن ۾ وڃي جلسا ڪيا، جنهن ۾ هن نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائي عوام جي دلين کي کٽڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن وقت مريم نواز شريف ڪشمير ۾ موجود آهي، هن سومر ڏينهن ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران پي ٽي آءِ جي نئين اي ٽي ايم مشين جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪشمير جي چونڊ تڪ باغ مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اسلام آباد جي مشهور شاپنگ مال سينٽورس جو مالڪ سردار تنوير الياس چونڊ وڙهي رهيو آهي. سردار تنوير الياس هن وقت پي ٽي آءِ جي نئين اي ٽي ايم مشين آهي جنهن جي پيسي تي ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ چونڊ وڙهي رهي آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سردار تنوير الياس جو ڪو به سياسي بيڪ گرائونڊ ناهي ان باوجود پي ٽي آءِ کيس ٽڪيٽ ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به عوامي سياست ناهي ڪئي. هميشه پنهنجي سياسي مخالفن مٿان تنقيد ڪري پاڻ کي سگهه وارين قوتن آڏو بهتر ظاهر ڪري سليڪٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته کيس اهو خوف آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان ڪشمير ۾ به سگهه وارين قوتن جي ذريعي پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪري حڪومت جوڙيندو. سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان جي اهڙي عمل خلاف ڪشمير ۾ نواز ليگ جا ڪارڪن ۽ مقامي قيادت تيار رهي، انهن کي ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ نه ڏني ويندي. نواز ليگ هاڻي اهو سمجهي چڪي آهي ته چونڊ ۾ ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي، اسان جي امڪاني احتجاج تي اسان جي مٿان غداري سميت مختلف الزام لڳي سگهن ٿا، اسان اهڙن الزامن کان نه ٿا ڊڄون اسان اهو چاهيون ٿا ته هر صورت ۾ ووٽ کي عزت ملي. ڪشمير ۾ سردار تنوير الياس جهڙن ماڻهن جي ضرورت ناهي، ڪشمير جو عوام ڄاڻي ٿو ته موجوده حڪومت ڀارت پاران ڄمون ڪشمير تي جيئن قبضو ڪيو آهي ان تي ٻن منٽن جي خاموشي کان علاوه ڪجهه به ناهي ڪيو. افسوس ته اهو آهي جو وزيراعظم عمران خان پاڻ چوندو پيو وتي ته ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي سندس فون به ٻڌڻ گوارا نه ٿو ڪري. مريم نواز وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب عالمي سطح تي پاڪستان اڪيلو ٿي چڪو آهي، هن حڪومت کي جيڪڏهن گهر ڀيڙو نه ڪيو ويو ته عوام تمام گهڻو پريشان رهندو. مهانگائي ۾ اضافي عام ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ڪشمير جي عوام کي گهرجي ته نواز ليگ جيئن ننڍي چونڊ ۾ ڊسڪا جي چونڊ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ائين ئي ڪشمير جي هر تڪ تان نواز ليگ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو وڃي.
مريم نواز جتي ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران سياسي ڳالهيون ڪيون اتي افغان سفير جي نياڻي جو به بار بار ذڪر ڪيو. سندس اهڙي ذڪر ڪرڻ کان اڳ اسلام آباد جي دانشور طبقي ۾ اهو بحث عام هو ته افغان سفير جي نياڻي جي مامري تي پوليس پنهنجو ڪم ضرور پورو ڪندي پر جنهن عجلت سان افغانستان جي صدر اشرف غني ۽ افغانستان ۾ ويٺل نالي ماتر اشرافيا فوري طور پاڪستان مٿان جيڪا الزام تراشي ڪئي ۽ هڪدم پاڪستان مان پنهنجو سفير واپس گهرايو ان جو مثال نه ٿو ملي. هونئن ته افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني مٿان حملن جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن پر پاڪستان ڪڏهن به پنهنجو سفير واپس ناهي گهرايو. افغان صدر اشرف غني پاران پنهنجو سفير واپس گهرائي پاڪستان مخالف سوچ واضح ڪري ڇڏي ته افغانستان جي حڪومت ڪڏهن به پاڪستان جي خير خواهه ناهي رهي. هنن هميشه اها ڪوشس ڪئي آهي ته ڀارت جي را جي ايجنٽن ۽ ٻين جاسوسن سان گڏجي پاڪستان خلاف محاذ جوڙ جي افغانستان کي هميشه پاڪستان خلاف محاذ ۾ ناڪامي نصيب ٿي آهي. هن ڀيري به انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي ۽ هو پنهنجو واپس گهرايل سفير ٻيهر پاڪستان موڪليندا. افغان سفير جي نياڻي واري واقعي تي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندي ان واقعي جي جاچ ڪئي. ان کان پوءِ پرڏيهي مامرن واري وفاقي وزير شاهه محمود قريشي آءِ جي اسلام آباد سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪري سموري صورتحال پاڪستان ۽ عالمي قوتن آڏو رکي آهي ته جيڪڏهن افغان سفير جي نياڻي پنهنجي سفارتخاني جي گاڏين هجڻ باوجود نجي ٽيڪسين ۾ سفر ڪندي ته ان بابت ادارن کي ڪيئن معلومات ملي سگهندي؟
ممڪن آهي ته پوليس جي جاچ ۾ ڪو نئون رخ سامهون اچي وڃي ۽ ان کان پوءِ شايد افغانستان جي حڪومت کي شرمساري کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو بلڪه سندن پاڪستان مخالف چهرو دنيا آڏو واضح ٿي ويندو، جڏهن ته پاڪستان جو عوام به اهو سوچڻ تي مجبور ٿيندو ته ان واقعي ٿيڻ کان پوءِ جنهن عجلت ۾ افغانستان ۾ ۽ ان جي حڪومت جنهن طريقي سان رد عمل ڏيکاريو اهڙو رد عمل هميشه ڀارت پاران ڪڏهن ڊرون جي استعمال يا وري ڪبوتر جي استعمال تي ڏيکاريو ويندو آهي. هن مامري ۾ به افغانستان پاران ڀارت جهڙو رد عمل بغير سوچ سمجهه جي ڏيکاريو ويو. هڪدم پاڪستان جي مٿان الزام تراشي ڪئي وئي. ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سفير جي نياڻي جي موبائيل فرانزڪ به ڪرائي سگهجي ٿو، ان عمل سان گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون ته پر هن وقت افغان سفير ۽ سندس خاندان واپس افغانستان ويل آهي. جڏهن هو واپس ايندا تڏهن انهن سان رابطو ڪري افغان سفير جي نياڻي جو موبائيل حاصل ڪيو ويندو ۽ ان جي فرانزڪ ڪرائڻ کان پوءِ رپورٽ منظر عام تي آڻي سگهجي ٿي.
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هر روز ڪو نه ڪو اهڙو واقعو ضرور ٿئي ٿو جنهن سان هي شهر اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي هڪدم اچي وڃي ٿو، جيئن گذريل ڏينهن ۾ اسلام آباد جي اي اليون واري علائقي ۾ هڪ پريمي جوڙي کي ڪپڙن کان آجو ڪري انهن مٿان تشدد ڪرڻ وارو ڪيس سامهون آيو. ان کان علاوه به اسلام آباد جي ٿاڻن ۾ چورين، ڦرن موبائيل کسڻ سبب عورتن سان زيادتي ۽ انهن کي اغوا ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا. اهي واقعا جيئن ته سوشل ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منظر عام تي نه ٿا اچن ان ڪري انهن مٿان پوليس پاران عام رواجي سستي جو مظاهرو ڪري انهن ڪيسن تي قانون مطابق جاچ نه ٿي ڪئي وڃي ۽ آخر ۾ شڪايت ڪندڙ ڌر پوليس جي رويي کي سامهون رکي بي وس ٿي چپ ڪري ويهي رهي ٿي.
اسلام آباد ۾ هر ڏينهن اهڙا وڌندڙ واقعا اهو ٻڌائن ٿا ته سڀ کان محفوظ قرار ڏنل پاڪستان جو شهر اسلام آباد هن وقت ڪيترو محفوظ آهي؟ اسلام آباد جي پوليس کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ سڄي دنيا جا سفارتخانا موجود آهن، انهن جي عملي کي جتي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي ان طرح اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ انهن مٿان مڪمل طور تي نظر رکي وڃي ته هو ڪنهن اهڙي اڻ وڻندڙ عمل ۾ شامل ته ناهن جنهن سان شهر ۾ چورين، ڦرن ۽ عورتن سان زيادتي وارا واقعا ٿيندا هجن.