راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري چيو آهي ته سندس والده کي هڪ هفتي ۾ ٽي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو پر اڄ عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ايمان مزاري چيو ته حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته گهرن کي اهڙي طرح برباد نه ڪيو وڃي. ايمان مزاري وڌيڪ  چيو ته سندس تحريڪ انصاف سان ڪوبه واسطو ناهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي وساري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ  پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاريءَ کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.