اغوا ٿي ويل عيدون ۽ قيدي بڻيل خواب

0
118
اغوا ٿي ويل عيدون ۽ قيدي بڻيل خواب

 ڇا انھن عوام جو رت چوسيندڙ ڄرڪن سرمائيدارن, جاگيردارن ۽ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھڻندڙ بيوروڪريسي جي عيد ڪنھن ھڪ ڏينھن ھوندي آھي؟ ھر گز نه! انھن جو ته ھر ڏينھن عيد ۽ ھر رات شبِ برات ھوندي آھي. باقي مسڪينن، ھارين نارين ۽ پورھيتن جي زندگي روز جو ماتم آھي، امتحانن ۽ آزمائشن جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو آھي.

                 عيدن ۽ تھوارن جو تصور آھي ئي انھن مسڪينن ھارين ۽ پورھيتن لاءِ، جيڪي سڄو سال محنت ڪندا آھن، ان اميد تي ته فصل لھڻ تي ۽ موسم مَٽجڻ تي ھڪڙو ڏينھن اھي پنھنجن ٻچن کي سک جو ٽڪر کارائي سگھندا، پر انھن تھوارن ۽ عيدن تي به انھن رت چوسيندڙ سرمائيدارن، جاگيردارن جي  حڪمران طبقي جو قبضو ٿي چڪو آھي. ڇا ھن وقت جڏھن ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي ۽ روپئي جي قدر مِٽيءَ ۾ ملي وئي آھي، جتي اٽو ۽ دال به ماڻھن جي پھچ کان ٻاھر ٿي چڪا آھن، ملڪ جي اڪثريتي پورھيت عوام جي لاءِ عيد ممڪن ٿي سگھي ٿي؟

                 جتي اسان جي سنڌ وطن جي ماروئڙن جا ٻچا ھٿراڌو ٻوڏ سبب سال کان بنا ڪنھن ڏوھ  جي روڊن تي ڪنارن تي دربدر ھجن، جتي ڀوتارن ۽ پوليس جي ڏاڍ ۽ ڏمر سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ھجي، جتي اڌ سنڌ ڀوتار مافيا جي پکيڙيل قبيلائي جھيڙن جي رت پياڪ راڪاس جي چنبي ۾ ھجي، جتي سنڌ جا پروفيسر اجمل ساوند جھڙا مور ٻچا بيگناھ گولين جو کاڄ بنجي وڃن، اتي به ڪا عيد ٿي سگھي ٿي؟ جتي روز ٻچا يتيم ٿين، جتي روز موملون ڪاريون ڪري ماريون وڃن ۽ راڻا بنواس ڀوڳيندا ھجن، جتي روز مارئين کي مذھب جي نالي تي قيد ڪيو ويندو ھجي، جتي  ڌاڙيل معصوم ٻارن ۽ نياڻين کي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪري انھن جون عزتون نيلام ڪندا ھجن، جتي ماڻھن جو سفر ڪرڻ دوران ساھ مٺ ۾ ھجي ته ٻچن لاءِ گڏ ڪيل عيد جي خرچي ڦُرجي نه وڃي، پنھنجي پيارن سان ملڻ کان اڳ ڪٿان ڪا گولي اچي سينو نه چيري وڃي. جتي دراوڙ پنھنجي ڌيئرن کي پاڙي ۾ ڪنھن جي گھر وڃڻ تي خوفزدہ ٿيڻ لڳن، جتي غريبن جا ٻچا مزدوريون ڪري تعليم حاصل ڪن ۽ اکين ۾ خوشحالي جا خواب سمائي ڪميشن جو امتحان ڏين ته انھن جي اکين کان زردار انھن جا خواب کسي وڃن. جتي جي غاصب ۽ لٽيرن حاڪمن جي لالچ جي ڪا انتھا نه ھجي، اتي ماڻھو سک جو نه ڏينھن گھاري سگھن ٿا، نه رات جو بي فڪر ٿي سمھي سگھن ٿا، اتي جا ماڻھو عيدون ۽ تھوار ڪيئن ملھائي سگھن ٿا؟

سنڌ جا حڪمران ٻوڙا آھن، انھن کي معصوم مسڪين يتيم، بکين ۽ بدحال ٻارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، جيڪي بک  ۾ پاھ ٿي سڏڪي رھيا آھن ۽ پنھنجي مارجي ويل پيئرن جو انتظار ڪندي کين پڪاري رھيا آھن. نه انھن کي انھن مائرن جون صدائون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن جا ٻچا سرڪاري ۽ ڀوتاري ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آھن ۽ انھن جي گھرن ۾ ماتم آھي. سنڌ جي حاڪمن کي ته اھي مسڪين دراوڙ ھاري نظر نٿا اچن، جن جي ڪل ڪائنات ڪچا گھر، پوکيل فصل ۽ اڱڻ تي بيٺل مال ھر سال انھن جي انا ۽ لالچ جي ور چڙھي لڙھي وڃن ٿا، جن جي بربادي جون تصويرون اھي حاڪم دنيا جي امير ملڪن کي ڏيکاري ڊالر ڪمائين ٿا، پر مسڪين پورھيت پنھنجا ٻچا وٺي، چپ سبي ڪاڙھن، سيءَ توڙي مينھن ۾ بندن ۽ روڊن تي کلئي آسمان ھيٺان لاوارثي ۾ گھارين ٿا. انھن کي وري  نئين ايندڙ ٻوڏن جون خبرون ملن ٿيون. پر ڪا خوشخبري نٿي ملي.

سنڌ جي مسڪين مظلوم ماڻھن جون آھون دانھون حاڪمِ وقت ٻڌڻ کان اڳ ڪن بند ڪري ڇڏين ٿا ۽ اکين تي  سايون عينڪون چاڙھي ڇڏين ٿا، جن سان کين سڀ ڪجھ سائو سرسبز نظر ٿو اچي. خلق ڏکي بکي بيمار ۽ بدحال آھي، ان سان سندن صحت تي ڪو اثر نٿو پوي. نوجوان بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي روز خودڪشيون ڪن ٿا، پر ان حاڪم ٽولي لاءِ سڀ ڪجھ نارمل آھي. ھر ننڍي وڏي شھر ۾ بد امني آھي، ڦرون ڌاڙا ۽ چوريون آھن، اغوا انڊسٽري چوٽ چڙھيل آھي، قبيلائي خونريزي ماڻھو ڳڙڪائي رھي آھي، روز عورتون ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون، جرڳا ٿين ٿا ۽ سردارن ۽ ڀوتارن کي بيگناھن جي خون جي ٻَلي ڏني پئي وڃي، پر سندن حڪمراني کي ڪو خطرو ڪونھي ته سڀ خير آھي.

سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ جي حڪمران جماعت جي اعليٰ قيادت لاءِ ھن وقت اھو آھي ته پرڏيهي معاملن جي وزارت کان وزارتِ عظميٰ تائين ڪيئن پهچجي؟! ان لاءِ ڪھڙيون سياسي حرفتون استعمال ڪجن، ڇو ته ھن وقت جيئن اصل حڪمران ڦاٿل آھن، اھڙا ڪڏھن ڪو نه ھئا. ھن وقت ئي سمورو زور لڳائي کانئن اھو ڪم ڪڍي سگھجي ٿو. سو سموري ڀوتار پارٽي جون توانايون ان اھم ٽاسڪ کي مڪمل ڪرڻ تي لڳل آھن. باقي غريب ته پيا مرندا ۽ ڄمندا، بک ڏک ته انھن جو اباڻو ڏاج آھن، بس ڀوتار وڏيرا اسان جي سر جا سائين شل سلامت ھجن. انھن جي بادشاھي جو خير ھجي، عيدون ته وري به پيون اينديون، اھڙا موقعا وري اچن نه اچن. ھونئن به سنڌ ۾ ‘جيئي سنڌ’ وارن جي ‘انسرجينسي’ آھي، جنھن کي رڳو اھي ڀوتار منھن ڏيو ويٺا آھن ۽ ملڪ کي بچايو ويٺا آھن، نه ته جيڪر الائي ڇا ٿئي! ان کان اڳ جو سنڌ ۾  مظلوم معصوم ٻارن، نوجوانن ۽ عورتن جي ڳوڙھن جو ڪو وڏو سيلاب اچي ۽ حڪمرانن کي لوڙھي وڃي، اھي قرباني ڏيئي انھن جي اڳواڻن جي واتن ۾ ٻه ٽي گرھ وجھي ڇڏيندا آھن ته جيئن اھي بکيا نه رھن، نه ته تر تپائي ڏيندا. سو اھي وڪاڻل گھوڙا ڇا ڪندا؟

سو  سنڌ واسيو! پنھنجون عيدون برادون، تھوار خوشيون ۽ خواب يرغمال ٿيل آھن، سرمائيدار، جاگيردار حڪمران قيادت ۽ انھن جي حرامخور بيورو ڪريسي ۽ سنڌ جي ھيٺين سطح تائين پيدا ڪيل نئين ڀوتار ڪلاس وٽ. انھن کان بازياب ڪرائڻ لاءِ پاڻ وٽ ڀُنگ ادا ڪرڻ جيتري سگھ ڪٿي آھي، جو پاڻ پنھنجا اغوا ٿي ويل خوشيون ۽ خواب انھن کان آجا ڪرائي سگھون!

جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،

ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،

سڪڻ ڪيا شھيد، مارو جي ملير جا.

(شاھ لطيف)