اغوا ناهيان ٿي، پسند جي شادي ڪئي اٿم: دعا ميمڻ

0
447
اغوا ناهيان ٿي، پسند

ميهڙ: اغوا ڄاڻايل ناري دعا ميمڻ پسند جي شادي ڪري ڇڏي، عدالت کيس مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

مدينا ڪالوني مان اغوا ڄاڻايل ناري دعا ميمڻ ميهڙ ٿاڻي تي پهتي، پوليس ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو، دعا ميمڻ جي بيان بعد پوليس ناري کي سندس مڙس حوالي ڪيو

ناري دعا ميمڻ عدالت کي بيان ڏنو ته کيس ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، پنهنجي مرضي سان غلام محمد چانڊيو سان شادي ڪئي آهي

دعا ميمڻ پنهنجي مڙس غلام محمد چانڊيو سان گڏ پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته اسان 3 مهينا اڳ پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي پر مائٽ ناراض آھن، جن اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو

هنن چيو ته دعا جا مائٽ اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن، جوابدار شعبان ميمڻ، آصف، مهراڻ، امتياز ميمڻ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن, واضع رهي ته ناري دعا ميمڻ جي وارثن ميهڙ ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو