اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت تڪراري ٽوئيٽس جي ڪيس ۾ گرفتار سينيٽر اعظم سواتي کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ايف آءِ اي جي درخواست تي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد محمد بشير ڀٽي، اعظم سواتي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ لاءِ ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪري ورتي. ايف آءِ اي اختيارين جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي اعظم سواتي جي جڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، اعظم سواتي کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي، تنهن ڪري کيس جڊيشل رمانڊ تي موڪليو وڃي. هوڏانهن ياسيمن راشد پاران اعظم سواتي جي آزادي لاءِ به درخواست داخل ڪئي وئي آهي.