اعظم سواتي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

0
213
اعظم سواتي ٽوئيٽر اڪائونٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيٽراعظم سواتي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آھي

تڪراري بيان واري الزام هيٺ گرفتار ڪيل اعظم سواتي کي ايف ايٽ ڪچهري ۾ مئجسٽريٽ وقاص احمد آڏو پيش ڪيو ويو

ايف آءِ اي جي اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ ڏيڻ لاءِ 8 ڏينهن جي استدعا ڪئي،عدالت ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي اعظم سواتي کي ايف آءِ اي حوالي ڪيو

سينيٽر اعظم سواتي کي صبح چڪ شهزاد مان گرفتار ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي اعظم سواتيءَ جي گرفتاري بابت سينيٽ چيئرمين کي خط کي آگاهه ڪري ڇڏيو، پيمرا به اعظم سواتي جي هر قسم جي پروگرامن، تقريرن ۽ بيانن کي نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

پيمرا اعظم سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنسز يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي